تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-11-21 عيسوي تاريخ ۾


1900.11.21ع :  عبدالسميع دهلوي، 21 نومبر 1900ع ۾ هوٽسنگ آباد (اتر پرديش، ڀارت) ۾ پيدا ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1925.11.21ع :  عبدالتواب خان،21 نومبر 1925ع تي جئپور (انڊيا) ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1927.11.21ع :  مشهور صحافي علاؤالدين شيخ، 21 نومبر 1927ع تي جوڌپور ۾ پيدا ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1945.11.21ع :  مشهور اديب، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم ۽ نقاد، ڊاڪٽر قاضي خادم حسين، محمد لائق قريشيءَ جي گهر ۾،21 ... وڌيڪ پڙهو 1948.11.21ع :  مشهور نقاد ۽ اُستاد، پروفيسر نذير احمد سومرو، 21 نومبر 1948ع تي، پير جي ڳوٺ، نئين ديري ۾ ڄائو. ... وڌيڪ پڙهو 1956.11.21ع :  استاد لغاري 21 نومبر 1956ع تي ڳوٺ مولوي خير محمد احمداڻي ضلعي سانگھڙ ۾ پيدا ٿيو ... وڌيڪ پڙهو 1965.11.21ع :  نئين ٽهيءَ جو نوجوان شاعر علي محمد ’درد‘ ولد مير محمد سولنگي 21 نومبر 1965ع تي ڳوٺ قاضي پير محمد، ڦل... وڌيڪ پڙهو 1982.11.21ع :  بالي ووڊ جي نامور اداڪاره آرتي ڇاٻڙيا، 21 نومبر 1982ع تي بمبئيءَ ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1996.11.21ع :  ڊاڪٽر عبدالسلام 21 نومبر 1996ع تي طويل علالت بعد 70 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. ... وڌيڪ پڙهو 2015.11.21ع :  مخدوم محمد امين فهيم 21 نومبر 2015ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 933.11.21ع :   امام ابو جعفر احمد بن محمد الطحاوي جو جنم 853ع ڌاري مصر جي ڳوٺ ’طحا‘ ۾ ٿيو،امام طحاوي 21 نومبر933ع... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** احمد علي مجذوب **

احمد علي مجذوب: مولوي احمد علي مجذوب، ذات جو دَل، ٿر جو ويٺل هو. 18 فيبروري 1967ع تي ڄام شوري اسپتال ۾ 70 سالن جي وڏي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. مولوي مجذوب مرحوم تعليم کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ملڪي تحريڪن ۾ حصو ورتو. سندس قومي خدمتن جي شروعات خلافت ۽ ڪانگريس جي تحريڪن سان ٿي. آخر ۾ خاڪسار تحريڪ سان وابسته رهيو. سڀني تحريڪن ۾ هڪ مخلص سپاهيءَ جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو. مولوي مجذوب ۾ هڪ عجيب وغيره خصوصيت اها هئي، جو هن ٽنهي تحريڪن جي دور جون اخبارون، تقريرون، خطاب ۽ ٻيو علمي لٽريچر نهايت سليقي سان گڏ ڪيو. ان سلسلي ۾ وٽس مولانا آزاد جي ”الهلال“ ۽ ”البلاغ“، مولانا محمد علي ”جوهر“ جي ”همدرد“ ۽ ”ڪامريڊ“، مهاتماگانڌيءَ جي ”هريجن“، ڊاڪٽر انصاريءَ جي ”انصاري“، جمعيت علماءِ هند جي ”الجمعية“ ۽ ” علامه مشرقيءَ جي ”الاصلاح“ اخبارن جا مڪمل فائل موجود رهيا. اهڙيءَ طرح ٽنهي ملڪي تحريڪن جو سارو لٽريچر پونين لاءِ ڇڏي ويو. آخري وقت ۾ سندس نظر ڪمزور ٿي وئي ۽ سندس اهو علمي ذخيرو ڪنهن حد تائين لٽجي ويو. ان جو ڏک کيس مرڻ گهڙيءَ تائين رهيو. مجذوب متعلق حيرت انگيز انڪشاف اهو آهي ته مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي نالي ۾ ....وڌيڪ پڙهو