داخلا ؛ 1538
پڙهيو ويو ؛ 686
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-02-21


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آخرت

ٽائيٽل ؛ آخرت


شاخ : وقت

آخرت: ”آخرت“ عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: پڄاڻي، پڇاڙي، عقبيٰ، ايندڙ جهان يا قيامت. اصطلاحي زبان ۾ ”حيات، بعدالموت“ يعني هن حياتيءَ کان پوءِ موت بعد ملندڙ زندگيءَ کي ”آخرت“ چئبو آهي. اڳين دنيا، ٻي دنيا ۽ موت کان پوءِ واري حياتي ئي ”آخرت“ آهي. -آخرت- تي -ايمان- آڻڻ، -اسلام- جي اصولن مان اهم اصول آهي. خدا پاڪ قرآن مجيد ۾ واضح طور فرمايو آهي ته ”جيڪو شخص -آخرت- جي ڏينهن تي -ايمان- نه ٿو آڻي، اهو منڪر آهي.“ خدا جي نيڪ -ٻانهن- لاءِ -آخرت- واري حياتي، بقادار حياتي آهي. -آخرت- مسلمانن جي عملن جو بدلو آهي.“ -آخرت- جي عقيدي کي دنيا جا ٻيا مذهب به مڃن ٿا. قديم -بابل- ۽ آشوريه جا رهاڪو به ”حيات بعدالموت“ ۾ يقين رکندي، چڱن ۽ برن ڪمن (عملن) جي فرق کي سمجھن ٿا. اهڙيءَ طرح قديم مصري، آفريقي ۽ آمريڪي وغيره به ”آخرت“ جي عقيدي کي دل و جان سان تسليم ڪن ٿا. خود هندو به هن عقيدي ۾ پاڻ کي پابند سمجھن ٿا.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيون (ضميمو جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آخرت- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آخرت - مان نڪتل ٻيون شاخون-


وقت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باک
ٻپھر
اسر
آخرت
اُماس
اڌڪ
ايڪادشي
ٽپهرِي ٽه پهري
ٽڪار
ڀيڄ ڀِني
ٽين صدي هجري


.....وقت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن