آزاديءَ کان پوءِ سنڌي غزل جي ائنٿالاجي - ڪتاب

آزاديءَ کان پوءِ سنڌي غزل جي ائنٿالاجي - ڪتاب

آزاديءَ کان پوءِ سنڌي غزل جي ائنٿالاجي

آزاديءَ کان پوءِ سنڌي غزل جي ائنٿالاجي: هيءُ ڪتاب سنڌي ٻولي جي نامور شاعر ارجن ”حاسد“ لکيو آهي، جيڪو ساهيته اڪادمي، نئين دهليءَ پاران 2008ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هن 182 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي ڪتاب جي ابتدا ۾ ارجن ”حاسد“ 20 صفحن جو تفصيلي مواد لکيو آهي، جنهن ۾ غزل،ان جي فن، سنڌي غزل جي مختصر ڄاڻ ۽ ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ لکيل سنڌي غزل جو ڀرپور جائزو ورتو آهي. آزاديءَ کانپوءِ لکيل سنڌي غزلن جي هن انتخاب يا ائنٿالاجيءَ ۾ 54 شاعرن جا غزل ڏنل آهن، جن ۾ هري دلگير، هوند راج، دکايل ۽ شريڪانت ’صدف‘ لتا هٿلياڻي ’هجاب‘ ۽ ونود آسرداڻي“ تائين شاعر اچي وڃن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو