آسا پورا

آسا پورا: هنگلاج جي پنڌ ۾ اگور ندي ٽپڻ کانپوءِ ۽ هنگلاج مندر کان ٿورڙو پهرين آساپورا ماڳ آهي. آسا پورا پهچڻ کان اڳ هڪ ڇپ جي اوٽ ۾ اڄڪلهه هنومان جي مورتي رکي آهي، هتي ئي گڻيش جو آستانو به آهي. آساپورا جي معنيٰ آهي، جتي خواهش پوري ٿئي. آسا پورا پهچڻ جي معنيٰ آهي هنگلاج پهچڻ.
بليموريا، آساپورا پهچڻ کان اڳ جبلن ۾ هڪ هنڌ سوزب بيگم Soozub Begum ۽ ممگا ديوي Mumga Devi نالي سڏجندڙ هڪ پٿر جي آڏو ”سُئين ۽ ڌاڳن جي ڀيٽا ڏيڻ“ واري رسم جو به ذڪر ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته نديءَ ۾ ٿورو اڳتي ننڍڙيون پٿريون لڀجن ٿيو جن تي اڇو دائرو هوندو آهي ۽ ياتري اهو سمجهي انهن کي چونڊيندا آهن ته اهي ديوتا سدا شوا سان واسطو رکندڙ آهن. آسا پورا وٽ ورت ڇوڙيو وڃي ٿو جيڪو اگور کان هلڻ وقت رکيو ويو.


لفظ آسا پوراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو