داخلا ؛ 3353
پڙهيو ويو ؛ 874
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-21


تصويرون


Aftab-Shuban.jpg
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شعبان ميراڻي



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آفتاب شعبان ميراڻي

ٽائيٽل ؛ آفتاب شعبان ميراڻي


شاخ : سياستدان

آفتاب شعبان ميراڻي: -پاڪستان- پيپلزپارٽيءَ سان لاڳاپيل سنڌي سياستدان، -پاڪستان- بچاءُ جو اڳوڻو وزير دفاع ۽ سنڌ جو اڳوڻو وزيراعليٰ، شڪارپور ۾ ڄائو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ -آمريڪا- مان زراعت ۾ تربيتي ڪورس ڪيائين. سياست کيس ورثي ۾ ملي. سندس والد غلام قادر شعبان 1938ع ۾ مرڪزي قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو هو. آفتاب شعبان جي -امڙ- بيگم شرف النساءِ شعبان، -تحريڪ پاڪستان- جي سرگرم ڪارڪن ۽ مسلم ليگ سنڌ جي عورتن واريءَ شاخ جي جنرل سيڪريٽري رهي آهي. هوءَ سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين چونڊيل مسلمان عورت ميمبر هئي. کيس سماجي خدمتن جي مڃتا ۾ وائسراءِ هند طرفان ’قيصر هند‘ جو خطاب به مليو. آفتاب شعبان جو هڪ مامو علي بخش محمد حسين، -انڊيا- ڪائونسل آف اسٽيٽ جو چونڊيل ميمبر هو. سندس ٻيو مامو نبي بخش محمد حسين، 13 سال مسلسل -بهاولپور- رياست جو وزيراعظم رهيو، جڏهن ته سندس ٽيون مامو عبدالقادر محمد حسين پڻ ڪيتروئي عرصو جهوناڳڙهه رياست جو وزيراعظم رهيو. سنڌ جو محب وطن ۽ مجاهد سياستدان ۽ سنڌ جو ٻيو وڏو وزير شهيد الهه بخش سومرو، آفتاب شعبان جو سهرو هو.
آفتاب شعبان ميراڻيءَ -تعليم- پوري ڪرڻ کان پوءِ بلدياتي چونڊ ذريعي سياست ۾ قدم رکيو. پهرين شڪارپور ميونسپل ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ٿيو. پوءِ -پاڪستان- پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ اڄ تائين انهيءَ پارٽيءَ سان لاڳاپيل آهي. پيپلزپارٽيءَ جي -ٽڪيٽ- -تان- ڇهه دفعا ميمبر چونڊيو آهي. ٻه دفعا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو، جنهن ۾ هڪ دفعو سنڌ جو سينيئر وزير ۽ ٻيو دفعو سنڌ جو وڏو وزير ٿيو. 1990ع، 1993ع ۽ 1997ع ۾ شڪارپور مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1993ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي ڪابينا ۾ بچاءُ جو وزير ٿيو ۽ اڍائي سال انهيءَ عهدي تي رهيو. 1998ع ۾ صدر فاروق احمد خان لغاريءَ جي استعيفا کان پوءِ آفتاب شعبان پيپلزپارٽيءَ طرفان مسلم ليگ جي صدارتي اميدوار رفيق احمد -تارڙ- جي سامهون صدر جي عهدي لاءِ بيٺو، پر -ان- ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو. هن وقت قومي اسيمبليءَ جو ميمبر آهي ۽ پيپلزپارٽيءَ جو اهم اڳواڻ آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آفتاب شعبان ميراڻي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آفتاب شعبان ميراڻي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياستدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
اعجاز علي شاهه شيرازي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اڪرام الله ڌاريجو
الاهي بخش پير
الاهي بخش سومرو
الطاف حسين
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
الهه بخش سومرو شهيد
بروهي جان محمد
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو تاج محمد
امام علي نازش ڪامريڊ
امجد شاهه جيلاني
امداد علي اعواڻ
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
آدم خان رند
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
امير علي شاهه پير
امين فهيم مخدوم
احمد علي خان جلباڻي
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
اختر علي جي قاضي
اختر مينگل
آڏواڻي لال ڪرشن
اندرا گانڌي
آرائين طارق مسعود
انڙ غلام رسول
آريسر عبدالواحد
بگٽي، اڪبر خان
ارباب ذڪاءُ الله
ارباب ذوالفقار علي
ارباب غلام رحيم
ارباب وزير احمد
انور احمد خان مهر
ايشور داس
اياز سومرو
اياز لطيف پليجو
اي ايم قريشي
بلاول ڀٽو زرداري
ايوب کهڙو
آصف بالادي
آصف علي زرداري
آنند هنڱوراڻي
آغا بدرالدين دراني
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شهيد
آغا سراج خان دراني
آغا شاھي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
آفتاب شاهه جيلاني
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شيرپائو
بلوچ ناصر
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
بنده علي خـان ٽالپر
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
بهادر خان ڏاهري
آغا شمشاد مغل
انڍڙ عبدالقادر
انڙ حاجي غلام حسين
اوباما بارڪ
بن بلا/بن باالله
بال ٺاڪري
احمد ميان سومرو
ارباب انور
ارباب تاج محمد
الهبچايو ٽالپر
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انڙ علي نواز
ڀاشاني عبدالحميد خان
ڀٽو غنويٰ
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀٽو مير مرتضيٰ
ڀٽي قمر
ڀرٽ عبدالحق
ڀرڳڙي زاهد علي
ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوتاڻي محمد اسلم
توقير فاطمه ڀٽو
تاج حيدر
ٿهيم عبدالسلام


.....سياستدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن