داخلا ؛ 1537
پڙهيو ويو ؛ 439
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-02-21


تصويرون




ٽائيم لائين

1932.00.00-A.D
آپ سڌارڪ منڊل: هي منڊل ( سنگت/تنظيم ) سن 1932ع ۾ شڪارپور شهر جي مشهور تعليمي اداري خوبسنگهه منگهن سرتو مل هندو سنڌي اسڪول نمبر اول ( هاڻوڪي اسڪول پرائمري لکي در ) پاران قائم ڪيو ويو هو




sindhianaسنڌيانا--آپ سڌارڪ منڊل

ٽائيٽل ؛ آپ سڌارڪ منڊل


شاخ : منڊل

آپ سڌارڪ منڊل: هي منڊل (سنگت/تنظيم) سن 1932ع ۾ شڪارپور شهر جي مشهور تعليمي اداري خوبسنگهه منگهن سرتو مل هندو سنڌي اسڪول نمبر -اول- (هاڻوڪي اسڪول پرائمري لکي در) پاران قائم ڪيو ويو هو. هن منڊل جو روح روان اسڪول جو هيڊ ماستر -ٺڪر- هولا رام سهجرام هو. هن منڊل پاران ٻاراڻي ماهوار رسالي ’ٻالڪ‘ کان سواءِ خاص ڏينهن تي پڻ يادگار ڪتاب ۽ پمفليٽ شايع ڪري ٻارڙن ۾ مفت ورهايا ويندا هئا. -آڪٽوبر- 1935ع ۾ اسڪول جي هيڊ ماستر -ٺڪر- هولارام جو ترتيب ڏنل 24 صفحن تي مشتمل طبي نسخن جو هڪ ڪتاب ’قدرتي گهرو علاج‘ نالي شايع ڪيو ويو هو. هن منڊل پاران اسڪول جي سالياني ڪارڪردگيءَ جون رپورٽون به شايع ٿينديون هيون. ورهاڱي کان پوءِ هي منڊل -بند- ٿي ويو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيون (ضميمو جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آپ سڌارڪ منڊل- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آپ سڌارڪ منڊل - مان نڪتل ٻيون شاخون-


منڊل - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آپ سڌارڪ منڊل


.....منڊل موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن