داخلا ؛ 1736
پڙهيو ويو ؛ 1866
پسند ڪيو ويو ؛ 2
تاريخ ؛ 2012-03-02


تصويرون


ibrahim-khalil.jpg
ڊاڪٽر ابراهيم خليل
ڊاڪٽر ابراهيم خليل



ٽائيم لائين

1900.12.24-A.D
ابراهيم خليل ، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ” خليل “ ، ولد محمد يوسف شيخ ، سنڌيءَ جو ڪهنه مشق ۽ قادر الڪلام شاعر هو . پاڻ 24 ڊسمبر 1900ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو . سندس وڏا ورهاڱي کان گهڻو اڳ حيدرآباد دکن کان لڏي اچي سنڌ ۾ ويٺا هئا .

1982.11.18-A.D
اهڙيءَ طرح افسانا ، ڊراما ۽ ڊائلاگ پڻ ڪافي انداز ۾ لکيا اٿس . سنڌي ادب جي سڀني علمي رسالن ۾ ، سالن کان ، سندس علمي ۽ ادبي مقالا شايع ٿيندا رهيا . ڊاڪٽر خليل صاحب 18 نومبر 1982ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي .




sindhianaسنڌيانا--ابراهيم خليل ڊاڪٽر

ٽائيٽل ؛ ابراهيم خليل ڊاڪٽر


شاخ : شاعر

ابراهيم خليل، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“، ولد محمد يوسف شيخ، سنڌيءَ جو ڪهنه مشق ۽ قادر الڪلام شاعر هو. پاڻ 24 ڊسمبر 1900ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندس وڏا ورهاڱي کان گهڻو اڳ حيدرآباد دکن کان لڏي اچي سنڌ ۾ ويٺا هئا. -ابراهيم خليل- ابتدائي تعليم، سنڌ مدرسته السلام ڪراچيءَ ۾ ۽ قرآن شريف مولوي محمد عثمان نورنگزادي وٽ پڙهيو. نولراءِ هيرانند اڪيڊمي ۾ پڙهڻ کان پوءِ نارائڻ جڳناٿ هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان 1917ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ به متعلم رهيو. 1925ع ۾ گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج بمبئيءَ مان ايم.بي.بي.ايس ڪرڻ بعد پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين. -تعليم- دوران هن ڳجهين بيمارين،، چمڙي ۽ اکين جي بيمارين جي به سکيا ورتي. فارسي -تعليم- مولوي ميانجي عبدالحق کان ورتائين. ويانا (آسٽريا)، رانچي ۽ -بهار- مان دماغي مرض جو اڀياس ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب انهيءَ فن ۾ ماهر هو. حيدرآباد ميڊيڪل اسڪول، ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد ۾ پروفيسر ٿي رهيو. سر سي. جي. مينٽل هاسپيٽل گدو (حيدرآباد) ۾ چوڏهن سال سپرنٽينڊنٽ ٿي رهيو، ۽ 1955ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هيلٿ ٿي رٽائر ڪيائين. 1913ع ۾ شعر لکڻ شروع ڪيائين. پهريائين ’غافل‘ تخلص هوس، پوءِ ’خليل‘ اختيار ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب جو سنڌي شاعريءَ ۾ -استاد- حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مرحوم هو، ۽ اردوءَ ۾ جناب عبدالله ميان ’فضا‘ دکني تلميذ حضرت داغ دهلوي هو. 1946ع کان 1957ع تائين ’جمعيت الشعراءَ سنڌ‘ جو صدر رهيو. -ان- طرح ڊاڪٽر صاحب، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ ڪميٽي، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيڪسٽ بُڪ ڪميٽي تي به ڪم ڪيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ’انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي‘ جو پڻ ميمبر رهيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي يادگار ڪائونسل جو شروع کان ئي رڪن رهيو. سندس ڪتابن ۾ ’رهنمائي شاعري‘ (4 حصا)، ’بيت -الله- شريف جي تاريخ‘، ’ادب ۽ تنقيد‘، ’بلبلِ سنڌ‘، ’عبرت ڪده‘، (3 حصا)، ’سنڌي مثنويون‘، ’سنڌي رباعيون‘، ’سنڌ جو قديم ۽ جديد شعر‘، ’ڪليات خليل‘، ’ديوان خليل‘، ’رباعيات خليل‘، ’گلزار خليل‘، ’انتخاب خليل‘، ’پنهنجا افسانا‘، ’پراوا افسانا‘، ’اسلامي افسانا‘ وغيره.ڊاڪٽر صاحب جي صدر -بازار- حيدرآباد ۾ اسپتال مشهور هئي. جناب ڊاڪٽر خليل صاحب، علم ۽ فن جي خدمتن جي سلسلي ۾ جو ڪجهه عملي طرح سان ڪم ڪيو آهي، اهو نظر انداز ڪرڻ جهڙو ناهي. -ان- دور ۾ جڏهن سنڌي شاعريءَ ۾ اڃا ٽه - حرفا لفظ اعرابن سان استعمال ڪيا ويندا هئا، وڏن وڏن شاعرن کي عروض جي ابتدائي مسئلن جي به خبر نه هئي، تڏهن ”رهنمائي شاعريءَ“ نالي ڪتاب تاليف ڪري ڇپايائين. رهنمائي شاعري، حصه -اول- ۾، مقدمه حاليءَ جي طرز تي شاعريءَ جي فن ۽ صنفن جو تعارف ڪرايو ويو، ۽ ٻين ٻن حصن ۾ مثالن سان بحث ڪيو ويو. اهي ٽئي ڪتاب نه فقط نو آموز شاعرن لاءِ معلومات افزا آهن، پر ڪهنه مشق بزرگن لاءِ به ڏاڍا ڪارائتا آهن.
شعر و شاعري جي سلسلي ۾ هر انجمن ۽ هر مجلس ۾ شرڪت ڪرڻ سندس مشغلو هو. سندس مخلصانه تعاون سان ’ادب سنڌ‘ جو اجراءَ ٿيو. جنهن سنڌي زبان، ادب ۽ شاعريءَ جي وڏي خدمت ڪئي. -ان- طرح ’جمعيت الشعراءِ سنڌ‘ جي تشڪيل ۽ تعمير به ڊاڪٽر صاحب جي ڪوشش سان ٿي، جنهن جو پهريون صدر پاڻ ٿيو ۽ پوءِ سالن جا سال صدارت جا فرائض انجام ڏيندو رهيو.
’جمعيت الشعراء سنڌ‘ پهريون علمي ادارو آهي، جنهن جي انتظام هيٺ سنڌ جي سڀني وڏن شهرن ۾ سال بسال عظيم الشان ادبي ڪانفرنسون ٿي گذريون آهن. انهن ڪانفرنسن جو لٽريچر، مرحوم -امام بخش خادم- لاڙڪاڻوي، ساهه سان سانڍيندو آيو، سندس وفات کان پوءِ اهو سارو دفتر ضايع ٿي ويو. اهڙيءَ طرح سنڌي -ادب - مان هڪ تاريخي باب ختم ٿي چڪو آهي. بزم خليل ۽ انجمن -ترقي- -اردو- حيدرآباد، ڊاڪٽر صاحب جي خدمتن جا تاريخي شاهد آهن.
ڊاڪٽر صاحب جامع الفنون رهيو آهي، اديب، نقاد، شاعر، -اهل- قلم، مقرر ۽ انشا پرداز، سندس ڪلام، پخته ۽ شائسته، عروض جو پابند، عروض جي نازڪ -ترين- اصولن جو پابند، زبان جي لحاظ سان درست ۽ فني لحاظ سان پختو ۽ زوردار آهي. هر صنف تي لکيو اٿس. غزل، رباعي، قطعو، نظم، مثنوي، گيت، بلڪ ڪافي به سندس ڪلام ۾ موجود آهي. سندس فن تي فارسي ۽ -اردو- ادب جو وڏو اثر آهي، تاهم انفراديت ۽ افاديت قائم آهي.
سندس تاليفات ۾ ’عبرت ڪده‘ (افسانوي مجموعا) سندس ’مشاهدن‘ تي مدار رکن ٿا، جڏهن پاڻ گدو -بندر- اسپتال جو سپرنٽينڊنٽ هو. تڏهن هزارين دماغي مريضن جي صحتيابيءَ لاءِ جيڪي نفسياتي طرح ڪوششون ڪيائين، اهي سڀ ’عبرت ڪده‘ ۾ افسانوي انداز ۾ بيان ڪيل آهن.
اهڙيءَ طرح افسانا، ڊراما ۽ ڊائلاگ پڻ ڪافي انداز ۾ لکيا اٿس. سنڌي ادب جي سڀني علمي رسالن ۾، سالن کان، سندس علمي ۽ ادبي مقالا شايع ٿيندا رهيا. ڊاڪٽر خليل صاحب 18 نومبر 1982ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -ابراهيم خليل ڊاڪٽر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ابراهيم خليل ڊاڪٽر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شاعر - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
ارشاد عباسي
ارشد هالائي
ارم محبوب
استاد بخاري
اسحاق آهنگر
اسحاق راهي
اسحاق سميجو
اسد الله شاهه بيخود حسيني
اسد بيگ اسد مرزا
اسد چاچڙ
اسلم خيال
اسلم عباسي
اسماعيل اداسي
اسير ملاح
اطهر منگي
اعجازالحق قدوسي
افتخار عارف
افضل قادري
اقبال رند
اقبال شينو
اقبال علامه ڊاڪٽر
اصغر سائين
اڪبر ساگر
اڪرام ساگر عباسي
الانا جِي
بردو سنڌي
الطاف عباسي
الطاف ملڪاڻي
برڪت بلوچ
الهه بخش سرشار عقيلي
الهنواز نواز رُڪڻائي
الهورايو اُداسي بِهڻ
الياس عِشقِي ڊاڪٽر
ابراهيم خليل
ابراهيم خليل ڊاڪٽر
ابراهيم منشي
امام بخش خادم
امام علي شاهه
آخوند عبدالرحمان چانڊيو
امداد جتوئي
امداد جعفري
امداد حسيني
آخوند عبدالقادر بيدل
امر اقبال
آخوند فقير محمد عاجز
امر ساهڙ
ابو البقا ملا ٺٽوي
آخوند گل محمد ھالائي خليفو
بسمل ٽکڙائي
آخوند لطف الله لطف قريشي
بسنت ڪمار رائچنداڻي
بشير احمد بشير
آخوند محمد قاسم هالائي
ابو طالب اعواڻ قطب شاھي
اٽل مل بينام
آدم هنڱورجو
اميد خيرپوري
اميد علي ڪلهوڙو
اميد علي لغاري
امير بخاري
اميربخش امير قريشي
امير بخش نظر سنڌي
امير خسرو
امين محمد ثاني هالائي مخدوم
احسان علي
احسان فقير لانگاهه
احسن الهاشمي
احسن حافظ محمد چنا
احمد بخش احمد مورائي
احمد بخش بدوي
احمد خان اختر
احمد خان گلزار
احمد خان مدهوش
احمد سليم
احمد سولنگي
احمد علي شاهه
احمد فراز
بشير بيوس اوٺو
احمد ملاح مولوي
بشير سيتائي
اختر انصاري اڪبرآبادي
اختر درگاهي
انجم هالائي
ادراڪي بيگلاري
بکر شيخ
آري فقير چانڊيو
آزاد بخاري
آزاد محمد رمضان
ارجن حاسد
ارجن سڪايل


.....شاعر موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن