ابرق

ابرق - ابرڪ: ھڪ قسم جي معدني پيدائش، جيڪا جبلن مان کوٽي ڪڍندا آھن، ابرق گھڻو ڪري پاري ۽ گندرف جي کاڻين مان لڀندو آھي. چلڪيدار ٿيندو آھي . ابرق جا اڇا ڪارا ٽڪر ٿيندا آھن ۽ ان کي باھ نه ساڙيندي آھي.
ابرق جا ورق شربت ۾ وجھبا آھن ۽ مٺائيءَ جي مٿان سونهن لاءِ به رکبا آھن، ابرق کي ڪُٽي چورو ڪري ڪپڙي تي ڇر ۽ کؤنر سان لڳائبو آھي. جنھن کي ’ڀورل‘ ۽ ’ڌمڪ‘ چون ٿا. رَون تي پڻ ابرڪ جي چمڪ جي ڇٽڪار ڪندا آھن، جنھن کي ’بُونديءَ ڇٽ‘ چئبو آھي. سونھن سينگار لاءِ به وارن ۾ ابرق ھڻبو آھي، جنھن کي ’زيڪ‘ چوندا آھن.
ابرق جي سنھن پردن تي زيورن جا تھه رکي سونارا ڪم ڪندا آھن. شيشي جي ٻڙن ۽ نگن کي زيور تي لڳائڻ کان اڳ ابرق جو تھه ڏيندا آھن. ابرق سونارڪي ڌنڌي ۾ ڄڻ اوزار جو ڪم ڏيندو آھي. حڪيمن وٽ طبي لحاظ کان ابرق بواسير، سيني ۽ جگر جي بيمارين لاءِ مفيد آھي، ان کي ماري، ڪشتو ڪري، استعمال ڪندا آھن.


لفظ ابرقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو