ڇـر

ڇـر

ڇر

ڇـر: ڪپڙي تي ڇپائيءَ جي ڪم کي ’ڇـُر‘ چئبو آهي. سڀ کان اول ڪپڙي کي کنڀ چاڙهي، ڌوئي، سُڪائي، ڇپائيءَ يا ڇُر لاءِ تيار ڪبو آهي. ڇُر جون پنج منزلون آهن: اصل، ڪٽ، ڦلي، کڙ ۽ مينا. ڇپائي يا ڇُر نرم ڪاٺ مان ٺهيل چوڪور يا ڊگهن پورن سان ڪئي ويندي. پور اصل اڪيريل ڇاپا هوندا آهن، جيڪي مختلف رنگن مان ٻوڙي ڪپڙي تي ٺپي وانگر هڻي چٽ ڪڍيا ويندا آهن. مختلف پور مختلف چٽن جي نالن سان سڏبا آهن. مثال طور: (1) پٽو، (2) چونڪڙي، (3) چونڪڙو، (4) نموري، (5) چمن، (6) کيسُ (7) ڀُڳڙو، (8) ٻاريڙو، (9) گل چمن، (10) انبڙي، (11) ڪيري، (12) ٻٽو ۽ (13) ور وغيره. هنن ڊزائينن ۾ رنگ به الڳ ڪتب آڻبا آهن، جيڪي ريپڊ ۽ نپتول جي نالن سان سڏبا آهن. هن قسم جا رنگ پائوڊر جي صورت ۾ ملندا آهن. هنن رنگن جي نالن سان مشابهت نه هوندي آهي. بلڪ تيار ڪري ڪپڙي تي لڳايو ويندو آهي، پر جڏهن رنگن کي تيار ڪبو آهي، تڏهن اهي پنهنجي صورت وٺندا آهن. جيئن هيڊو رنگ، جيڪو ڏسڻ ۾ بلڪل اڇو ايندو آهي. هن ڪم ۾ ڪتب ايندڙ ڪي رنگ اهڙا به آهن، جيڪي ڪپڙي تي لڳائي اُس تي ڇڏڻ کان پوءِ پنهنجو اصلي رنگ ظاهر ڪندا آهن، جڏهن بلڪل سڪي ويندا آهن، ته رنگ مڪمل ٿي ويندو آهي. هن رنگ کي پاڻيءَ ۾ وجهي ڪاڙهبو آهي ۽ جڏهن ڏسبو آهي ته رنگ تيار آهي ته ان ۾ ڪاسٽڪ وجهي، ملائي تيار ڪري استعمال ڪيو ويندو آهي. جڏهن سڀ رنگ لڳي ويندا آهن ته پوءِ ان ۾ هڪ ڪيميڪل وجهندا آهن، جنهن سان رنگ پڪا ۽ چمڪدار ٿيندا آهن. هن ڪم جو طريقو گهڻو ڪري ساڳيو اجرڪ ٺاهڻ وارو آهي. فرق اهو آهي ته هن ۾ اجرڪ کان مختلف رنگ استعمال ٿيندا آهن.


لفظ ڇرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو