داخلا نمبر 3945
عنوان ابنِ مقله بيضاوي
شاخ عالم
پڙهيو ويو 263 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

ابنِ مقله بيضاوي

ابنِ مقله بيضاوي: ابن مقله بيضاوي اسلامي دنيا جي عباسي دور (136هه/753ع-334هه/945ع) جو وڏو عالم، اڪابر، خطاط ۽ سياستدان ٿي گذريو آهي. هن جو اصل نالو ابو علي محمد بن حسين بن مقله بيضاوي هو. هو ابن مقله جي نالي سان مشهور ٿيو. هن تاريخ 21 شوال 272هه مطابق 31 مارچ 886ع ۾ بغداد شهر ۾ جنم ورتو. هن جا وڏا اصل حافظ شيرازيءَ جي شهر ”شيراز“ جا رهندڙ هئا. خطاطيءَ ۾ هن جو وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هن ”نسخ خط“ (Naskh Script) کي عاليشان ۽ لازوال خوبيون عطا ڪيون. ”نسخ“ جي معنيٰ ئي اها آهي ته لکت جو هڪ اهڙو نمونو، جيڪو ٻين لکتن جي نمونن (Script Styles) کي منسوخ ڪري ڇڏي. هن عربي ٻوليءَ جي آئيوٽا (Alphabet) کي نئين سر تشڪيل ۽ ترتيب ڏني ۽ قرآن کي اعرابن ڏيڻ واري ابوالاسور ۽ نصر بن عاصم واري ڪم کي مڪمل ڪيو. هن کان پهرين اسلامي دنيا ۾ خطاطيءَ جا چار قسم مدني، مڪي، بصري ۽ ڪوفي رسم الخط مروج هئا، انهن مان مدني مڪي ۽ بصري هڪٻئي جي ويجھو هئا، جڏهن ته ڪوفي خط گھڻو مختلف هو. ابن مقله خطاطيءَ جا ڇهه اسلوب ثلث (Thulth)، نسخ (Naskh)، ريحان (Raihan)، محقق (Mohaqqaq)، توقيع (Touqi) ۽ رقاع (Riqa) جوڙي راس ڪيا. خطاطيءَ جا اهي ڇهه نمونا مڪي/ مدني/ بصري (Arabic) ۽ ڪوفي (Kufiic) تان اسريا آهن. ان ريت چئي سگھجي ٿو ته هن هر هڪ لکت جي پراڻي نموني مان ئي 3 نوان اسلوب تيار ڪيا. هن خطاطيءَ جي فن جا اصول قائم ڪيا ۽ اکرن جي صورتن جو بنياد ماپن ۽ نقطن تي رکيو. هن جي جوڙيل ’خط نسخ‘ ٻين قديم لکت جي اسلوبن کي رد ڪري ڇڏيو. اڄ ڏينهن تائين قرآن مجيد توڙي عربي ۽ سنڌي لکت جو نمونو ”نسخ“ ئي آهي. سندس توقيع خط، خاص لفظن لکڻ لاءِ ڪتب اچي ٿو. جيڪڏهن ان خط لکڻ واري قلم جي نوڪ/ نب جيڪڏهن سنهي هوندي ته خط جي طرز کي ”غبار“ (ڌنڌ) سڏبو آهي. ٽن جو انگ هن جي سڄي زندگيءَ تي حاوي رهيو، هو اسلامي دنيا جي ٽن خليفن مقتدر بالله، القاهر باالله ۽ الراضي باالله جي حڪومتي دور ۾ ٽي ڀيرا وزير اعظم مقرر ٿيو ۽ ٽي ڀيرا اقتدار تان لاٿو ويو. هو ٽي ڀيرا پنهنجي اباڻي وطن ”شيراز“ ويو، هن جا ٽي وڏا دشمن هئا: هڪ ابوالحسن، ٻيو ترڪ سردار امير مظفر بن ياقوت ۽ بغداد شهر جو ناظم ابن رائق هو. هي خليفي الراضي باالله جي ظلم ۽ زيادتين جو ٽي ڀيرا شڪار ٿيو، پهريون ڀيرو کيس اقتدار تان لاٿو ويو، ٻيو ڀيرو هن جو هڪ هٿ ڪپيو ويو، ٽيون ڀيرو کيس قتل ڪيو ويو. هن کي ٽي ڀيرا دفن ڪيو ويو، پهريون ڀيرو قتل کان پوءِ قيد خاني ۾، ٻيو ڀيرو الراضي باالله جي حڪم تي قبرستان ۾ ۽ ٽيون ڀيرو سندس زال جي درخواست تي سندس مڙهه قبرستان مان ڪڍي هڪ عمارت ۾ دفن ڪيو ويو. هو زندگيءَ ۾ هڪ هٿ کان محروم ٿيڻ کانپوءِ خطاطي واري وڍيل هٿ واري ڪرائيءَ تي قلم ٻڌي ساڄي ۽ کاٻي هٿ سان ساڳئي ريت ۽ ساڳئي رفتار سان خطاطي جا شهپارا تخليق ڪندو رهيو. هن جي نياڻيءَ سندس فن کي زنده رکيو ۽ ڪيترا ناميارا شاگرد پيدا ڪيا، جن مان علي بن هلال عرف ابن البوابه، ابن مقله جي خطاطيءَ واري اسلوبن کي استقلال ۽ استحڪام بخشيو، هن ”ابن مقله“ جي خطاطيءَ وارن طرزن موجب قرآن جا 54 اتارا تيار ڪيا. ابن مقله جي موت تي بغداد جا اهل علم ۽ اهل خرد سڀئي رنا. هڪ شاعر چيو ته ”اڄ ابن مقله نه پر ڏاهپ ۽ علم جو قتل ٿيو، هو هڪ شاعر، نثر نگار ۽ عظيم خوشنويس هو“. هن کي 64 ورهين جي ڄمار ۾ تاريخ 10 شوال 328 هه بمطابق 20 جولاءِ 940ع تي شهيد ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو