داخلا نمبر 2020
عنوان ابوالقاسم نمڪين
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 546 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ابوالقاسم نمڪين

ابوالقاسم ”نمڪين“: ابوالقاسم اڪبر بادشاهه جي دور ۾ مختلف وقتن تي سبيءَ کان بکر ۽ سيوهڻ تائين جاگيردار ۽ حاڪم ٿي گذريو آهي. هو طاقتور سپهه سالار جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو. هن سبيءَ جو قلعو پني قبيلي جي پٺاڻن سان جنگ ڪري فتح ڪيو. قره بيگ جي وفات بعد کيس سيوهڻ، بکر، اوٻاوڙي ۽ گنجابي جي جاگير ملي. روهڙي ۽ سکر جي وچ تي بکر ڀرسان هڪ پُر فضا پهاڙي کي هموار ڪيو، اتي ويهي فيصلا وغيره ڪندو هو، اهو ٿلهو ”صفه صفا“ جي نالي سان مشهور ٿيو. کيس علم ادب جو تمام گهڻو شوق هو ۽ هڪ ڪتاب ”منشات نمڪين“ نالي لکيائين. ابوالقاسم نمڪين 1018هه 1609ع ۾ وفات ڪري ويو، سندس آخري آرامگاهه به ”صفه صفا“ روهڙيءَ ۾ آهي ۽ ان ٽڪريءَ تي سندس اولاد جون به قبرون آهن. ڪي ماڻهو ان کي ”ستين جو آستان“ به سڏيندا آهن، پر اهو غلط آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1609.00.00  عيسوي

ابوالقاسم نمڪين 1018هه 1609ع ۾ وفات ڪري ويو ،


1018.00.00  هجري

ابوالقاسم نمڪين 1018هه 1609ع ۾ وفات ڪري ويو ،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون