صفا

صفا: مڪي ۾ هڪ پهاڙي، جيڪا هاڻي زمين جي سطح کان ٿوري بلند آهي. صفا جي معنيٰ مروه جي پهاڙيءَ وانگر، جيڪا هن جي بلڪل سامهون هجي. صفا و مروه مقدس پهاڙيون آهن. مسلمان جڏهن به حج يا عمري تي ويندا آهن، تڏهن صفا ۽ مروه جي پهاڙين جي وچ تي ڊوڙندا آهن ۽ اها رسم انهي واقعي جي يادگار آهي ته انهن ٻنهي پهاڙين صفا ۽ مروه جي وچ تي بيبي حاجره رضي الله عنها پنهنجي پياسي پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام لاءِ پاڻيءَ جي ڳولها ۾ ست دفعا هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي هئي. انهي واقعي جي ياد ۾ حج ۽ عمري تي ويندڙ سمورا مسلمان صفا ۽ مروه جي وچ تي ست دفعا ڊوڙ پائيندا آهن.


لفظ صفاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو