داخلا نمبر 2328
عنوان احمد سلطان چانڊيو
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 789 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
احمد سلطان چانڊيو

احمد سلطان چانڊيو

احمد سلطان چانڊيو

احمد سلطان چانڊيو: چانڊيا قبيلي جو سردار، 17 مئي 1937ع تي، ’غيبي ديري‘ ۾ ڄائو. نواب غيبي خان جو پوٽو هو، جنهن احمد سلطان جي تعليم ۽ تربيت لاءِ علامه علي خان ابڙي کي اتاليق مقرر ڪيو. نواب غيبي خان پنهنجي پڳ پٽ کي ڏيڻ بدران سڌي طرح پوٽي ڏانهن منتقل ڪئي. پهريون دفعو 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1962ع ۾ لاڙڪاڻي مان اولهه پاڪستان (ون يونٽ) اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. 1956ع ۾ ٻيهر ساڳئي تڪ مان ڪامياب ٿيو. 1970ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ لاءِ لاڙڪاڻي مان آزاد اميدوار جي حيثيت سان چونڊ وڙهيو، پر پيپلزپارٽيءَ جي اميدوار کان چار سئو ووٽن تان هارائي ويو. چونڊن کان پوءِ ڀُٽي صاحب جي حڪومت کيس نظربند ڪري ڇڏيو.
15 سيپٽمبر 1976ع تي سردار احمد سلطان پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ 1977ع وارين چونڊن ۾ پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي بنامقابلي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. ڀُٽي صاحب جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ مارشل لا حڪومت کيس ڪوڙن پاسپورٽن ۽ ڪوڙين ويزائن ٺاهڻ جي ڏوهه ۾ ٻه سال سخت پورهئي سان قيد ۽ پنج لک روپيا ڏنڊ جي سزا ڏني. 1985ع جي عام چونڊن ۾ بنا مقابلي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. صوبائي اسيمبليءَ ۾ اختر علي جي. قاضيءَ جي وڏ وزارت دوران ڪجهه عرصو وزير به رهيو. 24 جنوري 2000ع تي 66 سالن جي عمر ۾ دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.05.17  عيسوي

احمد سلطان چانڊيو: چانڊيا قبيلي جو سردار ، 17 مئي 1937ع تي ، ’ غيبي ديري ‘ ۾ ڄائو . نواب غيبي خان جو پوٽو هو ،


2000.01.24  عيسوي

احمد سلطان چانڊيو: 24 جنوري 2000ع تي 66 سالن جي عمر ۾ دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪيائين



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون