پڳ

پڳ

پڳ

پڳ: پٽڪو، اڳواڻيءَ يا عزتمنديءَ طور پٽڪو ٻڌايو ويندو آهي ۽ هر ڪو ماڻهو پڻ ٻڌندو آهي، پر پڳ جي خاص حيثيت آهي. پڳ گهر يا راڄ جي اڳواڻ يا وڏي کي ٻڌائيندا آهن، اهو گهر يا راڄ جو چڱو مڙس سمجهيو ويندو آهي ۽ مٿس راڄ جي هر ڪا ذميواري وڌل هوندي آهي. پڳ ٻڌائڻ واري موقعي تي ٻيا مٽ مائٽ به ”ور“ ڏيندا آهن. قبائلي سردار کي به پڳ ٻڌائبي آهي. پڳ ورثي ۾ ملندي آهي. روايتن ۽ رسمن موجب ڌاريي کي پڳ نه ٻڌائبي آهي.


لفظ پڳھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو