داخلا نمبر 2364
عنوان احمد مجتبيٰ غالب
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 1040 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
احمد مجتبى غالب

احمد مجتبى غالب

احمد مجتبيٰ غالب

احمد مجتبيٰ غالب:سنڌي ٻوليءَ جي بهترين شاعر ۽ اديب احمد مجتبيٰ ”غالب“ ملڪاڻيءَ، پهرين آگسٽ 1932ع تي ڳوٺ ملڪاڻي شريف تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتائين، بعد ۾ سنڌيءَ ۾ فائنل پاس ڪري عربي ۽ فارسي ٻوليءَ تي عبور حاصل ڪيائين.
سندس والد مولانا مخدوم غلام محمد ملڪاڻي به عالم فاضل شخص هو. اڳتي هلي احمد مجتبيٰ ”غالب“ درگاهه ملڪاڻي شريف جو گادي نشين بڻيو، ننڍپڻ کان ئي کيس شعر لکڻ جو شوق هو ۽ ناميارو شاعر حافظ احسن چنا سندس شعر اصلاح ڪندو هو ۽ سندس استاد به هو. ان کان سواءِ محمد بخش ”واصف“ حيدرآبادي به سندس رهنمائي ڪندو هو. ادبي ميڙاڪن ۽ مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ سان هن شعر و ادب تي سٺو عبور حاصل ڪيو، اڳتي هلي ”انجمن آفتاب“ ۾ شامل ٿيو ۽ ان جو جنرل سيڪريٽري ٿيو، هُو ”جوهر ادب“ تنظيم جو صدر پڻ رهيو، هن پنهنجي ڪوششن سان ”بزم غالب“ جو بنياد وڌو ۽ ان تحت ڪيترائي مشاعرا ۽ محفلون منعقد ڪرايائين. پيشي جي لحاظ کان استاد هو ۽ استاد طور ئي رٽائر ڪيائين. سندس قرآن پاڪ ۽ ديني تعليم ڏانهن خوب لاڙو هو، 60 کان وڌيڪ ديني موضوعن تي ڪتاب لکيائين، سندس اردو، عربي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب ڇپيل آهن، جن مان ڪجهه اهم هي آهن:
(1). ”شهاب ثاقب“ (سوانح عمري: اردو)، (2).”مجموعة الفتويٰ ملڪاڻي“ (عربي)، (3). ”شجرو مبارڪ برڪات نقشبندي“ ۽ (4). ”ماڪ ڦڙا“ (شاعري).
احمد مجتبيٰ، صاحب فتويٰ به هو، دادو شهر ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌي ڪتابن جي وڏي لائبريري هيس، جنهن ۾ حضرت غلام محمد ملڪاڻيءَ جا هٿ سان لکيل قلمي نسخا به موجود هئا. ملڪاڻي صاحب ڪو به اولاد ڪو نه ٿيو، سندس وفات 21 جنوري 2008ع تي ٿي ۽ کيس پنهنجي والد جي ڀرسان درگاهه ملڪاڻي شريف ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.08.01  عيسوي

احمد مجتبيٰ غالب : سنڌي ٻوليءَ جي بهترين شاعر ۽ اديب احمد مجتبيٰ ” غالب “ ملڪاڻيءَ ، پهرين آگسٽ 1932ع تي ڳوٺ ملڪاڻي شريف تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو .


2008.01.21  عيسوي

ملڪاڻي صاحب ڪو به اولاد ڪو نه ٿيو ، سندس وفات 21 جنوري 2008ع تي ٿي ۽ کيس پنهنجي والد جي ڀرسان درگاهه ملڪاڻي شريف ۾ دفنايو ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون