اسد جمال پلي

اسد جمال پلي

اسد جمال پلي ڊاڪٽر

اسد جمال پلي، ڊاڪٽر: شاعر، نثر نويس ۽ محقق ڊاڪٽر اسد جمال پلي، 3 نومبر 1957ع تي ڳوٺ حاجي نبي بخش پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. سندس والد مرحوم محمد عمر پلي( معمور يوسفاڻي) سنڌ جو ناميارو عالم ۽ اديب ٿي گذريو آهي. ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ مان انٽر ڪرڻ کان پوءِ ايم اي (پريويس) ۽ اديب فاضل جون ڊگريون ورتيون. بعد ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان ايم بي بي ايس، جناح پوسٽ گريجوئيٽ انسٽيٽيوٽ مان نيورو ميڊيسن ۾ ڊپلوما ۽ لمس ڄام شوري مان ايناٽامي (علم بدن) ۾ ايم فل جون ڊگريون حاصل ڪري، ڊاڪٽريءَ جو پيشو اختيار ڪيو ۽ 2017ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. هن وقت محمد ميڊيڪل ڪاليج ۾ ايناٽامي (علم بدن) شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ، هن وقت تائين ادبي دنيا ۾ پاڻ کي هڪ محقق ۽ نثر نويس طور متعارف ڪرايو آهي، جنهن ۾ هن لطيفيات، سنڌي گرامر ۽ آثار قديمه بابت چڱو ڪم ڪيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”وليون وڻ ڦلاريا“ (ترتيب)، ”جيڪي آهي اڄ“ (صوفي صادق فقير بابت: ترتيب)، ”چنڊ جهڙا پرين“ (ڪلام ڪريم پلي: ترتيب)، ”وڙهيا، واڳيا، واپريا“ (صوفي صادق فقير سومري جي سوانح ۽ ڪلام جي ترتيب)، ”ڪيا سانگ سانوڻ“ (ڪلام ڪريم پلي: ترتيب)، ”ڪائو ڪمايوم“ (معمور يوسفاڻي جا تحقيقي مقالا: ترتيب)، ”ڀٽائيءَ جو مطالعو“ (محقق معمور يوسفاڻي: ترتيب)، ”ڍوليو ڍٽ ڌڻي“ (محقق معمور يوسفاڻي: ترتيب)، ”هيءَ جڙ اسانهين“ (تحقيقي، ادبي ۽ تاريخي مقالا)، ”پکن منجھه پساهه (شاعري معمور يوسفاڻي: ترتيب)، ”پنهوارن پچار“ (شاعري معمور يوسفاڻي: ترتيب)، ”جيڏو سج سُھاءَ“ (مطالعو معمور جو، جلد 2، اينٿالاجي: ترتيب)، ”منٺار اللغات سنڌي“ (منٺار فقير جي ڪلام جي لغت)، ”ديوان معمور“ (معمور يوسفاڻيءَ جو ڪلام: ترتيب) ۽ ”ٿرپارڪر جو مطالعو“ (محقق معمور يوسفاڻي: ترتيب) شامل آهن. ان کان علاوه پاڻ هڪ سٺو شاعر به آهي، خاص طور غزل، نظم، ڪافي، وائي ۽ بيت تي طبع آزمائي ڪيل اٿس. سندس ڪلام مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪو آهي. ڊاڪٽر اسد جمال ڪيترن ادارن جي بورڊ آف گورنرس، ايڊيٽوريل بورڊ ۽ ٻين مختلف ڪميٽين جو ميمبر آهي، جن ۾: ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چيئر جي بورد آف گورنرس جو ميمبر“، ”سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس ۽ پبليڪيشن ڪميٽيءَ جو ميمبر“ هئڻ سان گڏ ٽه ماهي ’مھراڻ‘، ماهوار ’سرتيون‘ ۽ ماهوار ’گُل ڦُل‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر اهم آهن. سندس علمي ادبي خدمتن عيوض کيس ”منٺار فقير اوارڊ“ پڻ مليو آهي. هن شاهه جي مختلف سرن ۾ ڪم آيل ٻوليءَ جي صرفي ۽ نحوي بناوتن ۽ شاهه جي شاعريءَ ۾ سوز جي فلسفي تي داد لائق تحقيقي ڪم ڪيو آهي. سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ مھاڳ مختلف رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپيل آهن. هن وقت قاسم آباد، حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.10.03  عيسوي

ڊاڪٽر اسد جمال پلي، 3 نومبر 1957ع تي ڳوٺ حاجي بخش پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تيرٿ داس هوتچند واڌواڻي
ادريسي
ابوالبقا
بي ايڇ ايلس
طارق عزيز
سيف الله ابڙو
روپلو ڪولهي
پئٿاگورس
شيخ ارشاد
پارو چاولا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون