سرتيون

سرتيون

سرتيون

سرتيون (رسالو): سرتيون رسالو، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري طرفان 1989ع کان شايع ٿي رهيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي ان وقت جي چيئرمئن مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ 1989ع ۾ وزيراعظم بينظير ڀٽو (شهيد) کي بورڊ مان نڪرندڙ رسالن بابت رپورٽ ڏني، وزيراعظم هدايت ڪئي ته عورتن لاءِ به رسالو ڪڍيو وڃي. جنهن کانپوءِ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي منظوريءَ سان 4 فبروري 1989ع تي گلبدن جاويد مرزا کي ان جي ايڊيٽر مقرر ڪري ٽه ماهي سرتيون جي اشاعت شروع ڪئي وئي.
سرتيون جي قيمت پهرين ٻن سالن تائين ويهه رپيا هئي، رسالو ماهوار ٿيڻ کانپوءِ ان جي قيمت 32 رپيا ۽ پوءِ 2003ع ۾ 25 روپيا ڪئي وئي. سرتيون طرفان شايع ڪيل خاص نمبرن ۾ ڪـهاڻي نمـبـر 1995ع، شـاعري نمبـر، انٽرويو نمبر، شهيد بينظير ڀٽو نمبر ۽ بيگم نصرت ڀُٽو نمبر وغيره شامل آهن.


لفظ سرتيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1989.02.04  عيسوي

سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي منظوريءَ سان 4 فبروري 1989ع تي گلبدن جاويد مرزا کي ان جي ايڊيٽر مقرر ڪري ٽه ماهي سرتيون جي اشاعت شروع ڪئي وئي.



رسالا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسن درس جو رسالو
امر جليل نمبر
پرهه ڦٽي2
ترقي
سوجهرو رسالو
ارچڪ مرچڪ رسالو
دي هوپفل اڪيڊمي مخزن
سماج 2
رسالو ٻڍل فقير1
رهنما
رسالا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون