اسد قريشي

اسد قريشي

اسد قريشي

اسد قريشي: مشهور اداڪار ۽ هدايتڪار اسد قريشي ولد الاهي بخش قريشي، پهرين مئي 1955ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. انٽر تائين تعليم شڪارپور مان حاصل ڪيائين. 1976ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان اقتصاديات ۾ گريجوئيشن ڪيائين. شوبز ۾ پنهنجي ڪيريئر جو آغاز 1968ع ڌاري سنڌي فلمن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪيو، ان وچ ۾ تعليم به حاصل ڪندو رهيو. 1972ع کان پوءِ ڪيترائي سال فلم ڊائريڪشن جو باقاعدي ڪم ڪيائين. مشهور اداڪارن عبداللطيف ’ساقي‘ ۽ شهباز درانيءَ جي اتساهه ڏيارڻ تي هُو اداڪاريءَ طرف آيو. 1985ع ۾ پهرين فلم ”حيدر خان“ ۾ اداڪاري ڪيائين، پوءِ ”نادر گوهر“، ”جيئي لطيف“، ”شهيد“ وغيره ۾ بهترين اداڪاري کيس وڏي شهرت ڏني.
اسد قريشي پي. ٽي. وي تان به ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ ”ڌٻڻ“، ”ماروي“، ”بدنصيب ٿري“، ”سونيتي“، ”باک“، ”آڙاهه“ ۽ ٻيا ڪيترائي ڊراما شامل آهن. هن محمد بخش سميجي، سلطانه صديقي ۽ سميع بلوچ جي ڊائريڪشن ۽ پيشڪش هيٺ پي. ٽي. وي تي ڪم ڪيو. هن اسٽيج ۽ ريڊيو تي به پرفارم ڪيو آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ جڏهن سنڌي سيٽلائيٽ چينلن کي پذيرائي ملي ته اسد قريشي سنڌي ٽيلي فلم ٺاهڻ جو آغاز ڪيو، کيس سنڌي شوبز جي دنيا ۾ ”باباءِ ٽيلي فلم“ به چون ٿا. ٽيلي فلم ”درياهه پار“ جو ليکڪ ، هدايتڪار ۽ هيرو پاڻ هو. ان جي زبردست پـذيرائي بعد هن ”سنڌو ڪناري“، ”هوشو“، ”سنڌو بادشاهه“، ”الله بادشاهه“، ”غلام مصطفيٰ“ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ٽيلي فلمون ٺاهي شهرت حاصل ڪئي. مختلف چينلن تي سندس مشهور ڊراما سيريل ”پٿر دنيا“، ”حوا“، ”ڳاڙهي“. ”زنجيرون“، گنگهار“، ”پياسي ڌرتي“ ۽ ”وارث“ وغيره شامل آهن. اسد قريشيءَ جي شادي 1991ع ۾ پنهنجي مائٽن ۾ ٿي، کيس ٽن ٻارن، فاطمه بتول، علي عباس ۽ زينب بتول جو اولاد آهي ۽ هينئر ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ اسد قريشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.05.01  عيسوي

اسد قريشي: مشهور اداڪار ۽ هدايتڪار اسد قريشي ولد الاهي بخش قريشي ، پهرين مئي 1955ع تي شڪارپور ۾ ڄائو


1991.00.00  عيسوي

اسد قريشيءَ جي شادي 1991ع ۾ پنهنجي مائٽن ۾ ٿي ، کيس ٽن ٻارن ، فاطمه بتول ، علي عباس ۽ زينب بتول جو اولاد آهي ۽ هينئر ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام جيلاني برق
سهجرام توشڪچي
ڀلي ڏنو ڀوڳائي
پيٽراعظم
جادو فقير شهيد
رامچند ايم ڪيولراماڻي
دروڻاچاريه
زبيده خاتون
شجاع حبشي
خفيف I
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون