داخلا نمبر 3991
عنوان الهداد راهو
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 572 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو
الهداد راهو

الهداد راهو

الهداد راهو

الهداد راهو: الهداد ولد علي حيدر راهو، 1984ع ۾ ڳوٺ پهلوان عارف راهو ضلعي نواب شاهه ۾ جنم ورتو، سندس تعليم مئٽرڪ آهي. ملهه پهلواني کيس ورثي ۾ نصيب ٿي. هن 2000/2001 کان ملهه جي شروعات ڪئي، الهداد راهو پنهنجي پهلوانيءَ جا جوهر ڏيکاري 15 کن ننڍا وڏا انعام کٽي چڪو آهي. تازو 11 مارچ 2010ع تي اڳوڻي روسي رياست ڪرغستان جي شهر بِشڪڪ ۾ 17 ملڪن جي 147 ملهه پهلوانن جي مقابلي ۾ پهرين پوزيشن کڻي گولڊ ميڊل کٽي ورتو، گولڊ ميڊل کٽڻ جي خوشيءَ ۾ سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم ۽ سنڌي ٻوليءَ اٿارٽيءَ اداري پاران کيس 16 اپريل 2010ع تي آجياڻو ڏئي پڳ ٻڌرائي ويئي. پڳ جو پهريون ور سنڌ جي وڏي عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڏنو. جڏهن ته ملهه ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر غلام سرور جتوئي پڳ جو ٻيو ور ڏنو. ان کانسواءِ سندس والد استاد ۽ سنڌ مان ڪهي آيل نامور مَلهن کيس جس ڏيندي پڳ جا جا ور ڏنا. هن جي ٻن ساٿين پرويز اعواڻ (لاڙڪاڻو) ۽ مختيار عالماڻي (نوشهروفيروز) پڻ ڪرغستان ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي هئي، جن کي به ان موقعي تي اجرڪ پارائي سندن عزت افزائي ڪئي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1984.00.00  عيسوي

الهداد راهو: الهداد ولد علي حيدر راهو ، 1984ع ۾ ڳوٺ پهلوان عارف راهو ضلعي نواب شاهه ۾ جنم ورتو ،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون