اليا بلاول

اليا بلاول (راڳڻي ):بلاول ٺاٺ جي کاڍو سمپورن راڳڻي، جنهن جي آروهي ۾ مڌم ورج ۽ امروهي ۾ سمپورن آهي: پر گنڌار جو سر وڪر اٿس. هن راڳڻيءَ جي خاص تان هي آهي: پاني- ڌي ني- سا- ڌي نا ڌي پا- - ما گي ماري- گي ما پا ما- گي- ري – سا. هن جي آروهي ساري سا- گي ري گي پا- ڌي ني ڌي سا ۽ امروهي ساني ڌي پا ڌي نا ڌي پا- گي پا ما گي ري سا آهي، جڏهن ته هن جو وادي سر ڌيوت ۽ سموادي سر گنڌار آهي ۽ صبح جي وقت ڳائبي آهي.


لفظ اليا بلاولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو