امام

امام: اصل عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي پيشوا، رهبر يا اهو ماڻهو، جنهن جي پيروي ڪجي. لفظ ”امام“ جي مفهوم ۾ وسعت آهي. هي لفظ خليفي ۽ اسلامي معاملن ۽ مسئلن جي متوليءَ لاءِ به استعمال ٿيندو آهي. ڪنهن علم، خاص ڪري مذهبي علم، تفسير، حديث، فقہ، تصوف، ڪلام ۽ لغت جي ماهرن کي به امام چيو ويندو آهي، جيئن امام بخاري، امام غزالي، امام ابن تيميه وغيره. شيعا، امام جو خطاب حضرت علي ۽ ان جي اولاد مان اوائلي يارهن فردن لاءِ مخصوص سمجهن ٿا، پر اسماعيلي شيعا فرقي وٽ سندن امامن جو سلسلو جاري رهندو آيو آهي. شيعن جي عقيدي موجب امام سڀني مسئلن کان آگاهه ۽ معصوم هوندو آهي. انهن وٽ امامت جو ثبوت فقط ”نص“ آهي، ۽ حضرت علي ”نص“ جي لحاظ سان پهريون امام مقرر ٿيو. جيڪا ”خُم غدير“ وٽ نازل ٿي. هنن وٽ امام جو هاشمي هجڻ ضروري آهي. ”اماميه“ فرقي جي عقيدي موجب نبي سڳوري کان پوءِ پهريون امام حضرت علي هو ۽ هنن وٽ امام جي نامزدگيءَ ۾ اختلاف نه هئڻ ضروري آهي. تنهن هوندي به چئن امامن جي امامت بعد ”اماميه“ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيو. ”جبائيہ“ ۽ ڪن ٻين فرقن جي عقيدي ۾ امام جو قريشي هئڻ لازمي آهي، پر خارجي ۽ معتزله انهن جي خلاف آهن. اهل سنت والجماعت جي خيال ۾ امامت جي مقرري حضرت نبي سڳوري جي نص يا اجماع امت جي منظوريءَ سان ٿيندي آهي. امامت جي لاءِ مفتي محمد عهده لکيو آهي ته ”ان جي لاءِ انتخاب ضروري آهي.“ امامت لاءِ متڪلمين وارن گهٽ ۾ گهٽ 8 شرط پيش ڪيا آهن. ”زيديه“ فرقي وارا وري هڪ وقت ۾ هڪ کان وڌيڪ امام هئڻ جا به قائل آهن. عباسين ۾ سڀني کان پهرين ابراهيم بن محمد عباسيءَ، امام جو لقب اختيار ڪيو. مهدي عباسيءَ جي زماني ۾ اهو لقب عباسين جي مسڪن تي اُڪريل هو. مامون الرشيد عباسيءَ ”امام المسلمين“ جو لقب اختيار ڪيو. ڪجهه عباسي خليفا پاڻ کي”الامام الاعظم“ به سڏائيندا هئا. عباسين کان پوءِ مراڪش ۾ ادريسين، اندلس ۾ اُموين ۽ مصر ۾ فاطمين به اهو لقب اختيار ڪيو.


لفظ امامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو