شرڪ

شرڪ: توحيد (خدا جي اڪيلي هجڻ) جي انڪار کي قرآن مجيد ۾ شرڪ ۽ شرڪ ڪندڙ کي مشرڪ چيو ويو آهي. شرڪ جي لغوي معنيٰ “ڪنهن کي شريڪ ڪرڻ” آهي. اسلامي اصطلاح ۾ “ڪنهن کي ڌڻي سڳوري جي ذات يا سندس صفتن ۾ شريڪ ڪرڻ” کي شرڪ چيو وڃي ٿو. قرآن مجيد ۾ شرڪ کي نهايت وڏو گناهه (گناههِ ڪبيره) چيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته ان لاءِ معافيءَ جي ڪا واٽ ڪانهي، ۽ چيو ويو آهي ته، خالق ۽ مخلوق جي وچ ۾ ڪنهن ٽين شيءِ جي ضرورت ناهي.


لفظ شرڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو