داخلا نمبر 1531
عنوان انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
شاخ انسائيڪلوپيڊيا
پڙهيو ويو 613 ڀيرا
داخلا جو حوالو
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جي مهورت جي تقريب ڪراچيءَ ۾ صوبائي وزير قائم علي شاه، تڏهوڪي وقتي گورنر نثار کهڙي ۽ صوبائي صياحت ۽ ثقافت

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جي مهورت جي تقريب ڪراچيءَ ۾ صوبائي وزير قائم علي شاه، تڏهوڪي وقتي گورنر نثار کهڙي ۽ صوبائي صياحت ۽ ثقافت

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي عمارت

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي عمارت

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرئين جلد جو ٽائيٽل

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرئين جلد جو ٽائيٽل

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سي ڊيءَ جو ٽائيٽل

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سي ڊيءَ جو ٽائيٽل

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بلڊنگ جو ڏيک

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بلڊنگ جو ڏيک

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 10جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد يارهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرون وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي ويو.
2008ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر فهميده حسين، سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن مقرر ٿي آئي ته هن ترجيحي بنيادن تي هن رٿا تي نئين سر ڪم شروع ڪيو. محترم بدر ابڙي ۽ محمد عثمان ميمڻ جي رهنمائيءَ ۾ نوجوان ريسرچرن ٻيهر ڪم شروع ڪيو ۽ صبح شام جي محنت سان انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جو پهريون جلد ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتو هن سموري تحقيقي ڪم جي نگراني ۽ ادارت ڊاڪٽر فهميده حسين ڪئي جڏهن ته اداري جو سيڪريٽري تاج جويو پڻ سندس ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو.

هن وقت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو نگران ۽ چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ آهي. رٿا جي ڊائريڪٽر طور محمد عثمان ميمڻ خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. موجوده ايڊيٽوريل بورڊ ۾ شامل مختلف عالمن ۽ ماهرن کان موضوعاتي لحاظ کان مواد جي نظرثاني پڻ ڪرائي ويندي آهي، ايڊيٽوريل بورڊ ۾: ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، سيد قلندر شاهه لڪياري، سيد حاڪم علي شاهه بخاري، ولي رام ولڀ، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو ۽ ڊاڪٽر شمس الدين تنيو شامل آهن.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جي مهورت جي تقريب ڪراچيءَ ۾ صوبائي وزير قائم علي شاه، تڏهوڪي وقتي گورنر نثار کهڙي ۽ صوبائي صياحت ۽ ثقافت کاتي جي وزير محترمه سسئي پليجو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي اڳوڻي چيئرپرسن ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي اڳوڻي نگران اعليٰ محترمه ڊاڪٽر فهميده ميمڻ جي ٿي،


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2009.08.00  عيسوي

سنڌي زبان جي تاريخ ۾ ، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’ انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو


2010.12.04  عيسوي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جي مهورت جي تقريب ڪراچيءَ ۾ صوبائي وزير قائم علي شاه، تڏهوڪي وقتي گورنر نثار کهڙي ۽ صوبائي صياحت ۽ ثقافت کاتي جي وزير محترمه سسئي پليجو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي نگران اعلى محترمه ڊاڪٽر فهميده ميمڻ جي هٿان ڪيو ويو


1998.00.00  عيسوي

هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو



انسائيڪلوپيڊيا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
انسائيڪلوپيڊيا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون