داخلا نمبر 2981
عنوان انور سولنگي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 712 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
انور سولنگي

انور سولنگي

انور سولنگي

انور سولنگي: انور سولنگي ٽي وي ۽ ريڊيو جو نامور اداڪار هو. انور سولنگي جو جنم 1944ع ڌاري شهدادپور ۾ ٿيو. جتان پوءِ سندس خاندان حيدرآباد منتقل ٿيو. ريڊيو تي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1970ع ۾ ڪئي، پر سندس مشهور 1974ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن جي ڊرامن جي ڪري ٿي. هو پاڪستان جي انهن چند سينيئر اداڪارن ۾ شامل ٿئي ٿو، جن کي پنهنجي ڪردار جي سانچي ۾ گهڙڻ ايندو هو. هن ٽي وي ۽ ريڊيو جي پنج سئو کان وڌيڪ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. جن ۾ سنڌي ۽ اردو ڊراما شامل آهن. انور سولنگي جي مقبول ڊرامن ۾ ”راني ڪي ڪهاني“، ”ڇوٽي سي دنيا“، ”ديوارين“، ”جنگل“، ”هوائين“ ۽ ”ماروي“ شامل آهن. گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته انور سولنگي اداڪار سان گڏوگڏ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر به هو. 2008ع ۾ سندس شاعري ۽ ڪهاڻين جو مجموعو ”زهر ڀريا پيالا“ ڇپيو. انور جي پنهنجي ڪهاڻي پاڪستان جي اڪثر فنڪارن جي ڪهاڻين کان مختلف نه هئي. فنڪارن جي قدرداني نه هجڻ ڪري هو هڪ حد تائين غير مطمئن هوندو هو، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن کيس اها خبر هجي ها ته فنڪارن سان اهڙو سلوڪ ٿو ٿئي ته هو ڪڏهن به اداڪار نه ٿئي ها.
انور سولنگي 4 اپريل 2008ع تي 64 سالن جي عمر ۾ ڪراچي ۾ گذاري ويو ۽ کيس سخي حسن قبرستان ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.00.00  عيسوي

انور سولنگي: انور سولنگي ٽي وي ۽ ريڊيو جو نامور اداڪار هو . انور سولنگي جو جنم 1944ع ڌاري شهدادپور ۾ ٿيو


2008.04.04  عيسوي

انور سولنگي 4 اپريل 2008ع تي 64 سالن جي عمر ۾ ڪراچي ۾ گذاري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون