ايڪتا

ايڪتا: ايڪتا لفظ جي لغوي معنيٰ ٻَڌي، اِتحاد ۽ اِيڪو آهي. ايڪتا دنيا جي سڀني قومن ۾ ڏٺي وئي آهي ۽ اُهي قومون ٻَڌي ۽ اِتحاد سان ترقي يافته آهن. سنڌي قوم به پنھنجي ڌرتي، اُن جي وسيلن ۽ ماڻهن سان بي لوث محبت ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي ثقافتي شين کي پوري دنيا ۾ متعارف ڪرائيندي رهي آهي. سنڌي ٻولي، ادب ۽ شاعريءَ جا بنياد پنھنجي ثقافتي ورثن تي آڌاريل آهن. ايڪتا، محض جوش جذبي جو نالو ناهي پر پنھنجي ڌرتيءَ جي حَسين ورثن جي مالڪي ڪرڻ جو نالو به آهي. سنڌ جا ماڳ مَڪان، سنڌ جون رَليون، موڙ، لِباس، ڳھه ڳٺا، پراڻا آثار، دلا، مَٽ، ڪوڏر، ڪُھاڙي، هُرلو، نار ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون جيڪي اسان جي ثقافت کي اُجاڳر ڪن ٿيون، انهن جي مالڪي ڪرڻ ۽ انهن کي خوبصورت بنائڻ ۾، هتان جي ماڻهن جي قومي ايڪتا شامل رهي آهي.
ايڪتا ڏهاڙو پھريون ڀيرو 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو هو، پر حڪومت جي ڪاوڙ سبب اهو سلسلو اتي ئي رڪجي ويو. پوءِ ڊسمبر 2009ع ۾ هن ڏهاڙي ملهائڻ جي ضرورت تڏهن محسوس ٿي جڏهن ڊاڪٽر شاهد مسعود آصف زرداري کي (جيڪو ان وقت پاڪستان جو صدر هو.) ٻاهرين ملڪ جي دوري دوران سنڌي ٽوپي پھرڻ تي ٽوڪ ڪئي. ڊاڪٽر شاهد مسعود جي ٽوڪ تي ’ڪاوش‘ اخبار جي سرواڻ علي قاضي ردِ عمل ڏيکاريو ۽ سنڌي ٽوپي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو. پوءِ هر سال اهو ڏينھن ڊسمبر جي پھرئين آچر تي ملهائڻ شروع ٿيو. اڳتي هلي سنڌي ميڊيا جي ٻين ادارن به ثقافتي ڏينھن ملهائڻ شروع ڪيو ۽ هاڻي هي سلسلو سڄي دنيا جي سنڌين ۾ وڏي جوش ۽ نون طريقن سان ملهايو پيو وڃي. ايڪتا ڏهاڙي تي سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن شاعري ڪئي، جنھن کي آزاد انور ڪانڌڙي ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


لفظ ايڪتاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو