اُماس

اُماس: چنڊ جي مهيني جو پويون ڏينهن، جنهن ڏينهن تي چنڊ بلڪل لڪي ويندو آهي ۽ نظر نه ايندو آهي. وري پهرين تاريخ تي الهندي طرف کان سنهڙيءَ ليڪ جي روپ ۾ ظاهر ٿيندو آهي، جيڪو روزانو 50 منٽ دير سان اُڀرندو ۽ لهندو آهي، تان جو 14 تاريخ تي سڄو روشن ڏسبو آهي. چوڏهينءَ تاريخ کان پوءِ چنڊ اوڀر کان 50 منٽ دير سان اُڀرندو ڏسبو، پر 28 تاريخ تي رات جي ڪنهن به وقت بلڪل نظر نه ايندو. اها تاريخ اونداهي رات ٿيندي آهي. تنهنڪري ان کي اُماوس يا ”اماس“ چئبو، اها رات ڪاري ٿيندي آهي.


لفظ اُماسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو