شراڌ

شراڌ: هندو ڌرم وارن جي هڪ رسم، جنهن ۾ بڊي واري مهيني ۾ وفات ڪري ويل عزيزن جي ياد ۾ برهمڻن ۽ مائٽن عزيزن کي کاڌو کارايو ويندو آهي. هر سال بڊي مهيني جي پورڻما تٿ کان وٺي اسُو مهيني جي اُماس تٿ تائين 16 شراڌ ٿيندا آهن. انهن ڏينهن ۾ مختلف علائقن جا هندو، پنهنجن وفات ڪري ويل وڏڙن، خاص ڪري ماءُ، پيءُ، ڀائرن، چاچن، چاچين، ڏاڏن، ڏاڏين وغيره جي ياد ۾، ان جي فوت ٿيڻ واري تٿ (تاريخ) تي شراڌ ڪندا آهن. هندو ڌرم موجب شراڌ ڪرڻ وڏي پٽ تي فرض هوندو آهي. شراڌ جي کاڌن ۾ خاص ڪري کيرڻي، مٺو، مٺايون، شيرو وغيره تيار ڪبا آهن. شراڌ لاءِ ڪنهن وڏي ٿالهه ۾، هيٺان بڙ جا پن يا ڪانهه رکي، مٿي سڀني تيار ٿيل کاڌن مان ذرڙا رکي، ڪانون جي کائڻ لاءِ ڪنهن مٿانهين جڳهه تي رکيو ويندو آهي. ڪانوَن جي کائڻ کانپوءِ شراڌ ٻين کي کارائڻ شروع ڪبو آهي. گهر جو ڪو به ڀاتي جنهن به تٿ (تاريخ) تي گذاري ويو هوندو ، تنهن جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ ان ساڳيءَ تاريخ تي شراڌ ڪبو آهي. ان دوران ماڻهن کي کاڌو کارائي، ڪپڙو ۽ لٽو دان ڪيو ويندو آهي. شراڌ کائڻ آيل سمورا ماڻهو کاڌو کائڻ کانپوءِ شراڌ ڪرڻ واري کي آشيرواڌ (دعا) ڏيندا آهن.
انهن شراڌن خلاف آريه سماج زبردست هلچل هلائي هئي ۽ چيو هو ته، برهمڻ ڪي ٽپالي نه آهن، جو توهان جو پارسل پرلوڪ ۾ پهچائيندا. ان هوندي به عوام ۾ شراڌ بند نه ٿيا، ڇو جو ان بهاني بزرگن جي ياد ۽ شرڌا جو اظهار ٿئي ٿو. هن موقعي تي ڀائرن، ڀينرن ۽ ٻين ويجهن عزيزن جي پاڻ به گڏجاڻي به ٿئي ٿي. پنهنجي گذاري ويل عزيزن جي روحن کي ثواب واسطي بڊي مهيني جي پوين پندرهن تٿن (تاريخن) دوران شراڌ کارائڻ ۾ اچن ٿا.
شاسترن ۾ انهن کي ‘مالهيه شراڌ’ ڪري ڪوٺبو آهي. شراڌ کارائڻ وقت ويدن جا منتر به اچاريا ويندا آهن.


لفظ شراڌھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو