داخلا نمبر 7629
عنوان جعفر ميمڻ
شاخ صحافي
پڙهيو ويو 89 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون
جعفر ميمڻ

جعفر ميمڻ

جعفر ميمڻ

جعفر ميمڻ: صحافي ۽ ليکڪ جعفر ميمڻ ولد سائينداد ميمڻ، 3 سيپٽمبر 1966ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. پرائمري کان ڪاليج تائين لاڙڪاڻي ۾ پڙهيو ۽ گريجوئيشن شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. ننڍپڻ کان ئي لکڻ پڙهڻ جو شوق رهيس. ٻارن جي رسالن ۾ ڪهاڻيون ۽ شعر لکڻ شروع ڪيائين. بعد ۾ لاڙڪاڻي مان جاري ٿيندڙ اخبار روزاني ’اڳواڻ‘ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪري صحافت ۾ پير پاتائين. بعد ۾ روزاني ’عوام آزاد‘ جو ڇهه مهينا ايڊيٽر رهيو. روزاني ’سنڌ سجاڳ‘ ڪراچيءَ ۾ سب ايڊيٽر طور ٽي سال ڪم ڪيائين، انهيءَ دوران روزاني ’سرواڻ‘ ۾ به ڪم ڪيائين. بعد ۾ ڪاوش گروپ طرفان ماهوار ڊائجسٽ ’سنڌ رنگ‘ ۽ ’هالار‘ جي ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنائين، ٻنهي ڊائجسٽن جو 1992ع تائين ايڊيٽر رهيو، هن جا هيٺيان ڪتاب: (1) ’نوجوانن جو گيت‘ (ترجمو)، (2) ’حويلين جون ڪهاڻيون‘ (ترتيب) ۽ ’پوليس نمبر‘ (ترتيب) ڪاوش گروپ طرفان ڇپيل آهن. جعفر ميمڻ روزاني ’خادم وطن‘ ۽ ’تعمير سنڌ‘ جو نيوز ايڊيٽر به رهيو آهي ۽ 2004ع کان وٺي روزاني ’سنڌ‘ جو ايڊيٽر آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.09.03  عيسوي

جعفر ميمڻ ولد سائينداد ميمڻ ، 3 سيپٽمبر 1966ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو .



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسلم اڪبر قاضي
اسلم خواجا
اشتياق اظهر
اعجاز حسين مهر
اعجاز عليم عقيلي
اعجاز منگي
الطاف حسين قريشي
برڪاتي مسعود احمد
الياس شاڪر
امداد سومرو
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون