اخترعلي

اخترعلي: نامور صحافي اختر علي، چوٿين آڪٽوبر 1923ع تي جئه پور(ڀارت) ۾ ضلعي جونجهو جي ڳوٺ نهڙ شريف ۾ جنم ورتو.مقامي تعليمي ادارن مان علم جي حاصلات بعد ’ڊان‘ دهلي ۾ خبرون لکڻ سان صحافت جو آغاز ڪيائين.جنهن بعد اسٽار نيوز جو نمائندو پڻ مقرر ٿيو. پاڪستان جي قيام بعد سنڌ لڏي آيو ۽ حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪيائين. حيدرآباد ۾ کيس اي.پي.پي جو مئنيجر مقرر ڪيو ويو، جيڪا ذميواري ڪجهه سالن تائين بهتر نموني نڀائڻ بعد 17 جولاءِ 1957ع تي’پاسبان‘ اخبار جاري ڪيائين. جنهن جو پاڻ ايڊيٽر رهيو. هن حيدرآباد پريس ڪلب جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڻ حيدرآباد پريس ڪلب جي باني ميمبرن مان هو. هن 85 سالن جي ڄمار ۾ شگر جي بيماريءَ سبب حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. کيس حيدرآباد جي ٽنڊي يوسف واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.10.04  عيسوي

نامور صحافي اختر علي، چوٿين آڪٽوبر 1923ع تي جئه پور(ڀارت) ۾ ضلعي جونجهو جي ڳوٺ نهڙ شريف ۾ جنم ورتو


1957.07.17  عيسوي

اخترعلي 17 جولاءِ 1957ع تي’پاسبان‘ اخبار جاري ڪيائين. جنهن جو پاڻ ايڊيٽر رهيو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد سبط حسن
پريل دايو
درس عبدالغني
اسد ڀٽي
علي قاضي
عبدالرحمان قاضي1
برڪاتي مسعود احمد
لوڪرام ڏوڏيجا
ڏيپلائي محمد عثمان
تيرٿ گوبندرام سڀاڻي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون