حسين ساريو

حسين ساريو

حسين ساريو

حسين ساريو: مشھور اداڪار عبدالحسين ساريو ولد عبدالغفور ڳوٺ گند، تعلقي باڊهه، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 17 سيپٽمبر 1968ع تي ڄائو. بي. اي تائين تعليم حاصل ڪئي. 1985ع ۾ مئٽرڪ جي تعليم دوران اسٽيج ڊرامي ’منزل‘ ۾ اداڪاري ڪرڻ سان فني دنيا ۾ داخل ٿيو. هڪ عرصي تائين شھر ۾ ٿيندڙ اسٽيج ڊرامن ۾ حصو وٺندو رهيو ۽ اسٽيج اداڪار طور وڏي مڃتا ماڻي. 250 کان وڌيڪ اسٽيج ۽ ٽي. وي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي. 25 اسٽيج ڊراما لکيا. ڪي. ٽي. اين تان سندس پھريون ڊرامو ’انتظار گاهه‘ نشر ٿيو، جنھن جو ليکڪ ايوب گاد هو. ڪي. ٽي. اين جي سيريل ’پٿر دنيا‘ کيس شھرت جي بلندين تي پھچايو، هن ان ڊرامي ۾’رستم خان‘ جو ڪردار ادا ڪيو. عبدالحسين ساريي جو ڪي. ٽي. اين تان پيش ٿيندڙ آخري ڊرامو ’نازو‘ هو. آخري وقت ۾ ڪينسر جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي ويو. سينگاپور مان ڪينسر جو علاج ڪرائڻ به ويو، پر مڪمل صحتياب نه ٿي سگهيو. ڪجهه ڏينھن ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ علاج سانگي داخل رهيو ۽ نيٺ 8 اپريل 2011ع تي وفات ڪئي. کيس ڳوٺ جي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2011.04.08  عيسوي

حسين ساريو 8 اپريل 2011ع تي وفات ڪئي. کيس ڳوٺ گند، باڊهه، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دائودپوٽو محمد مبارڪ خان عباسي ثاني
شاهه قاسم بيگلار1
جارج واشنگٽن
چانڊيو عبدالحميد
بدر سومرو
خيار لهڙي
چانڊيو مير محمد خان
پيرو کٽي
آفتاب سومرو
رُٿ فاءَ، ڊاڪٽر Dr. Ruth Pfau
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون