آنبوهي

آنبوهي: چئن يا ساڍن چئن فوٽن جي ڊگهي ڪاٺي، جنهن جو هڪ ڇيڙو 5-4 انچ پترو، پٽيءَ وانگر ٿئي، تنهن کي ‘آنبوهي’ چئجي ٿو. آڳاٽيءَ دور ۾ ۾ راڌا يا حجم،شاديءَ غميءَ جي موقعن تي رڌ پچاءَ ۾ ڪفگير طور استعمال ڪندا هئا. اڃا تائين به ٻهراڙيءَ ۾ ديڳن جي رڌڻ ۾ لوهي ڪفگير جي بدران آنبوهي استعمال ٿئي ٿي. هلڪي ڪاٺي هئڻ سبب، هر قسم جي رڌ پچاءَ ۾ سولي لڳي ٿي. انهيءَ ڪري آنبوهي راڌا گهڻو ڪتب آڻين ٿا.


لفظ آنبوهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو