لالٽين

لالٽين

لالٽين

لالٽين: ’لالٽين‘ لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي، هن لفظ جو صحيح اُچار ’لينٽن‘ (Lantern) آهي. هيءَ ھڪ قسم جي بتِي آهي، جيڪا شمعدان وانگر ٻرندي آهي. هن ۾ گاسليٽ ڪم ايندو آهي، جيڪو لالٽين جي هيٺين حِصي ۾ ٺھيل ننڍڙي ٽانڪيءَ ۾ پوندو آهي. گاسليٽ واري حصي ۾ ڊٻري وسيلي سوٽي ڪپڙي مان تيار ڪيل مخصوص قِسم جي وَٽِ پوندي آهي، جنھن کي ماچيس جي تيليءَ سان ٻاري روشن ڪيو ويندو آهي ۽ مڇرن يا تپش وغيره کان اُن وٽ تي شيشو چڙهيل هوندو آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ لالٽين جو اِستعمال پوري دنيا ۾ هو. سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ به لالٽين استعمال ٿيندي رهي آهي. اَڄ به سنڌ ۾ ٿر ۽ ڪاڇي جي ٻھراڙيءَ ۾ اِن جو اِستعمال عام آهي. بجلي، جنريٽر، سولر سسٽم يا يو.پي ايس وغيره متعارف ٿيڻ کانپوءِ لالٽين جو واهپو گهڻو گهٽجي ويو آهي.


لفظ لالٽينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو