آنند

آنند: موسيقيءَ جي ڪي بورڊ ماسٽر آنند، هارمونيم نواز شمبوءَ جي گهر، ڪينٽومينٽ ڪالوني، حيدرآباد ۾ 14 ڊسمبر 1979ع تي پيدا ٿيو. مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ 16 سالن جي ڄمار ۾ علم موسيقي سکڻ جي شروعات ڪئي. شروع ۾ سندس والد شمبو کيس هارمونيم سيکاريو ۽ ڪي بورد جي سکيا ذيشان عالم ڏني. هن پھريون اسٽيج ميوزڪ فنڪشن پاڪستان جي معروف سنگر عارف انصاري سان گڏجي ڪيو. هڪ ڪلاسڪ ميوزڪ بينڊ پڻ آنند جي سرپرستيءَ ۾ حيدرآباد ۾ قائم آهي. سنڌ ٽي. وي، ڌوم چئنل ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سنڌ جي نامور راڳين سان ڪي بورڊ وڄائي چڪو آهي. ميوزڪ ڪمپوزيشنز لاءِ مرحوم استاد امانت گل کان پڻ تربيت حاصل ڪئي. پاڪستان جي نامور گلوڪارن: حميره چنا، صنم ماروي، ديبا ڪنول، حيدر علي خان، سلمى فوزيه، علي ظفر، نعيم عباس روفي، حسن جھانگير ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن سان ڪي بورڊ وڄائي چڪو آهي. انهن سازن کان علاوه هارمُونيم ۽ طبلي جي سکيا پنھنجي چاچي هزاري خان کان ورتي.


لفظ آنندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1979.12.14  عيسوي

ڪي بورڊ ماسٽر آنند، هارمونيم نواز شمبوءَ جي گهر ، ڪينٽومينٽ ڪالوني، حيدرآباد ۾ 14 ڊسمبر 1979ع ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حافظ غلام محمد ڏاهري ڊاڪٽر
رائيٽ ڀائر
شادي خان چانڊيو
سڪندر منڌرو ڊاڪٽر
ڀٽي زيب
امام علي بيگ ميرزا علي
مير عبدالرزاق سبزواري
سيد صابن شاهه ڊاڪٽر
زيدي ڊاڪٽر ظفر حسنين
اظهار قاضي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون