آکاڙ

آکاڙُ: سنڌي سنه / سنبت جو چوٿون مھينو، جيڪو گرميءَ جو مھينو آھي. ھن مھيني ۾ 31 ڏينھن مقرر ڪيا ويا آھن. ڀارت جي جدا جدا رياستن ۾ ڌرمي ڏھاڙن ملھائڻ ۾ يڪسانيت نه ھئي، تنھن ڪري 1954ع ۾ ھند سرڪار جنترين ۾ يڪسانيت پيدا ڪرڻ لاءِ معياري جنتري رائج ڪئي ۽ 23 مارچ 1954ع چيٽ جي پھرين تاريخ مقرر ڪئي. ھن جنتريءَ ۾ مھينن جا ڏينھن ھيٺينءَ طرح مقرر ڪيا ويا: چيٽ 30 ڏينھن، ويساک 31 ڏينھن، ڄيٺ 31 ڏينھن، آکاڙ 31 ڏينھن. ساوڻ 31 ڏينھن، بڊو 31 ڏينھن، اسو 30 ڏينھن، ڪتي 30 ڏينھن، ناھري 30 ڏينھن، پوھ 30 ڏينھن، مانگهه 30 ڏينھن ۽ ڦڳڻ 30 ڏينھن.


لفظ آکاڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو