ارباب غلام رحيم

ارباب غلام رحيم

ارباب غلام رحيم

ارباب غلام رحيم: ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم 15 سيپٽمبر 1956ع تي تاج محمد'>ارباب تاج محمد جي گهر، ڳوٺ کيتلاري تعلقي ڏيپلي ٿرپارڪر ۾ ڄائو. 2004ع کان 2007ع تائين سنڌ جو وڏو وزير رهيو. سندس تعلق ٿرپارڪر ضلعي جي ارباب خاندان، ونگي جي ڄامن سان آهي، جيڪو پاڪستان ٺھڻ کان اڳ سياست ۾ سرگرم رهيو آهي. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ڇڏڻ کان پوءِ ارباب غلام رحيم سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان ڊاڪٽريءَ جو امتحان پاس ڪيو، پر هن ڊاڪٽري پيشو اختيار ڪرڻ بدران سياست کي ترجيح ڏني. هن سياست جي شروعات 1981ع ۾ ضلعي ڪائونسل ٿرپارڪر جي چيئرميني سان ڪئي. بعد ۾ هو چار دفعا قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. 2002ع ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي تڪ پي ايس 60 تان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. ان دوران پاڻ ورڪس ۽ سروسز کاتي جو صوبائي وزير رهيو ۽ مسلم ليگ (ق) جي حڪومت ۾ علي محمد مهر کان پوءِ سنڌ جو وڏو وزير مقرر ٿيو، جتي سيپٽمبر 2007ع تائين وڏ وزارت جون ذميواريون نڀايون. 2013ع جي عام چونڊن ۾ حصو ورتائين ۽ ڪاميابي ماڻي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. پاڻ سال 2018ع جي عام چونڊن ۽ 2021ع وارين ضمني چونڊن ۾عمرڪوٽ واري تڪ تان حصو ورتائين، پر ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيو. عمران خان جي حڪومت ۾، وزير اعظم پاڪستان جو، سنڌ جي سياسي معاملن بابت خاص صلاحڪار رهيو آهي.


لفظ ارباب غلام رحيمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.09.15  عيسوي

ارباب غلام رحيم: ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم 15 سيپٽمبر 1956ع ۾ ڄائو ۽ 2004ع کان 2007ع تائين سنڌ جو وڏو وزير رهيو .



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آغا شاهي
آصف بالادي
اڪبر خان بگٽي
اي ايم قريشي
عبدالواحد آريسر
ارباب ذڪاءُ الله
آغا سراج خان دراني
اڪرام الله ڌاريجو
اسماعيل راھو
امجد حسين شاهه جيلاني
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون