الجماعة

الجماعة

الجماعة

الجماعة (اخبار): هيءَ هفتيوار سنڌي اخبار شڪارپور مان 1937ع ڌاري جاري ٿي، جنهن جا ايڊيٽر سيد سرور شاهه جيلاني ۽ بيگم سيد سرور شاهه جيلاني هئا. هن اخبار جو ميمبر معاون سيد صدر الدين شاهه بخاري هو. هيءَ اخبار اٺن صفحن تي مشتمل هئي. هن اخبار ۾سياسي، سماجي خبرون شايع ٿينديون هيون. هن اخبار جو 14 فبروري 1946ع جو پرچو سنڌالاجي ڄام شوري ۾ محفوظ آهي. اخبار جو 159:S رجسٽر نمبر آهي. هيءَ اخبار مرلي اليڪٽرانڪ پرنٽنگ پريس هاٿي در گيٽ شڪارپور مان ڇپجي پڌري ٿيندي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو