بسڪوٽ

بسڪوٽ

بسڪوٽ

بِسڪُوٽ/ بسڪٽ: اٽي يا مَيدي، سڻڀ ۽ مٺاڻ مان پڪل مِٺي يا ڦڪي ٽِڪي (مِٺا يا کارا بسڪوٽ). اصل ۾ هي انگريزي ٻوليءَ جو لفظ بِسڪِٽ Biscuit آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ بسڪُوٽ رائج ٿي ويو آهي. جدا جدا ذائقي وارا گهڻن ئي قسمن جا بسڪوٽ ٺهندا آهن. ڪن هنڌن تي بسڪوٽ چانهه مان ٻوڙي کائڻ جو رواج آهي. سنڌ ۾ سڀ کان اول سکر ۾ بسڪِٽن جي فيڪٽري ’JB منگهارام بسڪٽ‘ ۽’يعقوب بسڪٽ فيڪٽريءَ‘ جي نالي سان شروع ٿي هئي ۽ پاڪستان کان اڳ ان جا ٺاهيل بسڪِٽ گهڻا پسند ڪيا ويندا هئا. هن وقت ته تمام گهڻن نالن سان بسڪٽ ملن ٿا .


لفظ بسڪوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو