ٻُولي

ٻُولي

بولي

بُولي: نڪ ۾ پائڻ جو هڪ قسم جو ڳهه. ننڍو بُولو عموماً ڪنواريون ۽ ننڍيون ڇوڪريون پائينديون آهن. هيءُ ڳهه سون جو ٿيندو آهي. سنڌ ۾ بوليءَ جا هيٺان قسم عام آهن: ڦوٽڙي واري بولي، رَچ واري بولي، پَنجِ ٽِڪي بولي، تاري واري بولي، گهنگهروءَ واري بولي، سامين جي بولي، لال موتيءَ واري بولي ۽ لسيءَ تار واري بولي. رَچ واري بولي اڪثر اتر سنڌ ۾ پائين. چانديءَ جي بولي سنڌ ۾ ڪنواريون ڇوڪريون پائين. باگڙي ۽ سامي قبيلن جون ڇوڪريون ۽ عورتون ڇٽ واري بولي نڪ جي ٿوڻيءَ ۾ پائين.


لفظ بوليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو