تراويح

تراويح

تراويح

تراويح: اها نماز، جيڪا رمضان المبارڪ جي مهيني ۾، رات جو سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ پڙهي ويندي آهي. هيءَ نماز فرض نه آهي، پر ان جو ثواب گهڻو چيو ويو آهي. ابتدا ۾ نماز مسجد نبويءَ ۾، الڳ الڳ يا ننڍين جماعتن جي صورت ۾ پڙهي ويندي هئي، پهريون دفعو حضرت عمر رضي الله عنه، باقاعدي جماعت جي شڪل ۾ هن نماز جو انتظام ڪرايو. هن نماز جي رڪعتن ۾ اختلاف آهي. ڪي اٺن رڪعتن جا قائل آهن ته ڪي 20 رڪعتن جا. مالڪي فرقي وارا 30 رڪعتون پڙهندا آهن، پر عام طور 20 رڪعتون باجماعت پڙهيون وينديون آهن. تراويح نماز، عشاءَ جي نماز کان پوءِ پڙهي ويندي آهي. هر چئن رڪعتن کان پوءِ، مختصر وقت لاءِ ساهي کنئي ويندي آهي، جنهن کي ”ترويحه“ چئبو آهي، انهيءَ ڪري ئي هن نماز جو نالو ”تراويح“ پيو. تراويح ۾ ابتدا کان آخرتائين قرآن مجيد پڙهبو آهي. پوري مهيني ۾، گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو قرآن مجيد ختم ضرور ڪبو آهي.


لفظ تراويحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو