ثقفي

ثقفي: ثقفي عرب جو قبيلو آهي. اسلام جي تبليغ ۽ مختلف ملڪن تي غلبي حاصل ڪرڻ لاءِ محمد بن قاسم کان اڳ، ان سان گڏ ۽ پوءِ ڪافي عرب مسلمان سنڌ ۾ ايندا رهيا، جن ۾ ”ثقفي“ به شامل هئا، جيڪي سنڌ ۾ مستقل طور آباد ٿي ويٺا ۽ پاڻ کي ثقفي سڏايو. موسيٰ بن يعقوب ثقفيءَ کي محمد بن قاسم پاڻ سان سنڌ ۾ آندو هو، ۽ ان کي الور جو قاضي مقرر ڪيو هئائين. هن کي جيڪو اولاد ٿيو، انهن به پاڻ کي ”ثقفي“ ۽ قاضي سڏايو. موسيٰ بن يعقوب ثقفي، الور ۾ قاضيءَ جي مقرريءَ وقت هڪ ڪتاب ”منهاج المسالڪ“ لکيو هو. عمان جي ثقفي گورنر حجاج بن يوسف مغربي هندستان جي سامونڊي ڪنارن تي فتح جو سلسلو جاري ڪيو ۽ پنهنجي ڀائٽيي محمد بن قاسم کي لشڪر ڏيئي سنڌ موڪليو هو، جنهن سنڌ ۽ ملتان تي قبضو ۽ حڪومت ڪئي.


لفظ ثقفيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو