جمڙائو

جُمڙائو: هيءُ هڪ واهه آهي، جيڪو نومبر 1899ع ۾ اڀرندي ناري مان ڪڍيو ويو. هن واهه واري ايراضي اڳ ۾ گهڻي غير آباد هئي. تنهنڪري واهه تي آباد ٿيندڙ زمين جي جڏهن تڪبندي ڪئي وئي، تڏهن انهن کي نالن بدران ديهن جا نمبر ڏنا ويا هئا، تنهنڪري هن واهه جي نالي پويان مڙني ديهن جا نالا به ”جمڙائو“ آهن. فقط سنجهوري ۽ ڄام نواز علي تعلقي ۾ 117 ديهون نمبرن سان رڪارڊ ۾ لکيون ويون. ماڻهن لڏي اچي ڳوٺ ٻڌا پر ديهن جا نالا انُهي ئي نمبرن سان قائم رهيا.


لفظ جمڙائوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو