جهانگير احمد عباسي

جهانگير احمد عباسي

جهانگيرعباسي

جهانگيرعباسي: ڪھاڻيڪار، مترجم، ڊرامه نگار ۽ مقاله نويس جھانگير عباسي ولد غلام مصطفيٰ عباسي 20 مارچ 1971ع تي ڳوٺ ڀنگئي ڪلهوڙا، تعلقي باقراڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم. اي (سوشيالاجي 1994ع)، ايم. اي (اردو ادب 1997ع)، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ (2005ع) آهي. هن وقت پبلڪ اسڪول سکر ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي. هن ريڊيو پاڪستان خيرپور ۽ FM 106 سکر تي 2003ع کان 2006ع تائين مختلف پروگرامن ۾ ڪمپيئرنگ ڪئي. جھانگير عباسي سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي، جاڳرتا فورم سکر، انساني حقن جي تنظيم سکر، سنڌي ادبي سنگت سکر، ڪلهوڙا هسٽاريڪل فورم سکر، انجمن ترقي پسند مصنفين سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ميمبر، خزانچي ۽ ٻين عھدن تي رهي چڪو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”مان تنوير آهيان“ (ترتيب 2008ع)، ”حسن جي بازار“ (ترجمو 2013ع)، ”درشڪ“ (ڪھاڻي 2014ع)، ”چونڊ شاهڪار ڪھاڻيون“ (2019ع)، ”ڪلهوڙا دؤر جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“ (2019ع)، ”ڪجلي“ (ڪھاڻيون 2020ع)، ”موهن جو دڙو“ (ڪھاڻيون 2022ع)، ”بلو دادا اور ڪھاني هر دؤر ڪي“ (اياز قادري جي چونڊ ڪھاڻين جو اردو ترجمو 2022ع)، ”شاهڪار سنڌي افساني“ (اردو ترجمو 2022ع) ۽ ”سنڌو درياهه جون ڪھاڻيون“ (جلد پھريون 2022ع) شامل آهن. جھانگير عباسي کي شاهه لطيف ادبي سنگت پاران جشن لطيف اوارڊ، ڪلهوڙا عباسي تنظيم لاڙڪاڻي پاران بھترين منتظم جو اوارڊ، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي پاران ”لاڙڪاڻو صدين کان“ سيمينار ۾ مقاله نگار جو تعريفي سرٽيفڪيٽ، ڪلهوڙا هسٽاريڪل فورم سکر پاران بھترين مقاله نگار جو اوارڊ، پبلڪ اسڪول سکر پاران بھترين مقرر / استاد جي تعريفي سندَ، عباسي ڪلهوڙا تنظيم لاڙڪاڻه سنڌ پاران بھترين مقالا نگار جي شيلڊ، زخمي چانڊيو فورم لاڙڪاڻي پاران بھترين ڪھاڻيڪار جو ”زخمي چانڊيو“ اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي پاران بھترين ڪھاڻيڪار جو ”ملڪ آگاڻي“ اوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن. ان کانسواءِ ”سوچ“ ۽ ”شعاع“ رسالن جو ايڊيٽر ۽ ماهوار ’دوستي’ ۽ هفتيوار ’باغ و بھار‘ جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.03.20  عيسوي

ڪھاڻيڪار، مترجم، ڊرامه نگار ۽ مقاله نويس جھانگير عباسي ولد غلام مصطفيٰ عباسي 20 مارچ 1971ع تي ڳوٺ ڀنگئي ڪلهوڙا، تعلقي باقراڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درازي راضي سائين
سويتا ڪيسواڻي
ڏيرو عبدالڪريم
شيخ حسين صفائي ٺٽوي
ابوالفتح ٺٽوي
ڀلوُ
حاجي عبدالستار
احمد رضا شاهه جيلاني
راول شهزادو
ڀلي ڏنو ڀوڳائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون