عبدالخالق جـوڻيـجـو

عبدالخالق جـوڻيـجـو

جوڻيجوعبدالخالق

جوڻيجو، عبدالخالق: قومپرست، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ عبدالخالق جـوڻيـجـو، 9 نومبر 1952ع تـي ڳـوٺ قـاضي دڙي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سندس والد مـحـمـد مـبـارڪ پرائمري استاد هو. ڳوٺ ۾ ئي پرائمري پڙهڻ بعد ڊي. سي. هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ڇهين کان اٺين تـائيـن، هاءِ اسڪول ميهڙ ۾ اٺون ۽ نائون درجو، جڏهن ته مئٽرڪ جو امتحان ڊي. سي. هاءِ اسڪول باڊهه مان ڏنائين. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽرميڊيئيت پاس ڪيائين. ڪاليج واري دور ۾ 1969ع ۾ هو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ 1971ع ۾ بنگال بابت ذوالفقار علي ڀُٽي سان اخـتــلاف رکـنــدي پ. پ کان علحدگي اختيار ڪيائين ۽ ڪجهه مهينن بعد جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيو. 18 جون 1972ع تي جڏهن حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ ’جيئي سنڌ محاذ‘ جڙيو ته عبدالخالق جوڻيجو ان اجلاس ۾ شامل هو ۽ ان وقت کان وٺي جيئي سنڌ محاذ سان لاڳاپيل رهيو. 1975ع ۾ هن سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج مان بِي. اِي سوِل جي ڊگري مڪمل ڪئي ۽ پوءِ ايم. اي (سياسيات) ۽ ايل. ايل. بي به ڪيائين. 18 ڊسمبر 1975ع تي ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ ۾ انجنيئر طور ملازمت اختيار ڪيائين. ان دوران سياست، تاريخ ۽ بين الاقوامي تعلقات جي موضوعن تي مطالعو ۽ ڪجهه سياسي سرگرميون به جاري رکيائين. ذاتي توڙي سياسي زندگيءَ ۾ سائين جي. ايم. سيد جو مٿس گهرو اثر رهيو آهي.اپريل 1995ع ۾ سائين جي. ايم. سيد جي وفات بعد جڏهن جيئي سنڌ تحريڪ ۽ جيئي سنڌ محاذ جو انضمام ٿي ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ ٺهيو ته عبدالخالق جوڻيجي دوستن سميت ’جيئي سنڌ محاذ‘ کي قائم رکيو ۽ اڳتي هلي انجنيرنگ واري نوڪريءَ تان استعفا ڏيئي ’جيئي سنڌ محاذ‘ ۾ ڪل وقتي ڪارڪن ٿي سياسي طور سرگرم رهيو. بعد ۾ هُو جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمئن منتخب ٿيو ۽ لڳاتار 15 سال ان ذميواريءَ تي رهيو، هن جيئي سنڌ محاذ ۾ جمهوري قدرن کي وڌائڻ، قومي جدوجهد ۾ علم ۽ شعور جي ڦهلاءَ ۽ جي. ايم. سيد جي فڪر کي عام ڪرڻ سان گڏ 1997ع کان وڪالت جي پيشي سان به لاڳاپيل رهيو.
عبدالخالق جوڻيجي مختلف موقعن تي سنڌي، انگريزي توڙي اردو اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون لکيا ۽ مختلف ٽي. وي چئنلن تي ٽاڪ شوز ۾ شرڪت ڪري قومي مسئلن تي پنهنجو موقف بيان پئي ڪيو آهي. هن مڪ توڙي پرڏيهه ۾ ڪيترن فورمن/ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري قومي مسئلن تي پنهنجو موقف بيان ڪيو آهي. 1999ع ۽ 2000ع ۾ لنڊن ۾ منعقد ٿيل ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو. فيبروري 2000ع ۾ ڍاڪا (بنگلاديش) ۾ ٿيل انٽرنيشنل پِيس ڪانفرنس ۽ مادري ٻوليءَ جي عالمي ڏينهن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيو.
آڪٽوبر 2000ع ۾ ٻارن جي حقن بابت ٿيل ڪانفرنس جي سلسلي ۾ لنڊن، ساڳئي سال ايڊينبرا ۾ اسڪالٽسٽ نيشنلسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيائين. آڪٽوبر 2000ع ۾ جرمنيءَ جي همبوٽ يونيورسٽيءَ ۾ هن ’پاڪستان ۾ وفاقيت‘ جي عنوان سان ليڪچر ڏنو. 2005ع ۾ دهـلــيءَ ۾ ’پـاڪ- انـڊيـا پـيــپلــز فورم‘ جي جوائنٽ ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي.
عبدالخــالق جوڻيــجـو، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان، ايمنسٽي انٽرنيشنل، پاڪ انڊيا پيپلز فورم جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ پاڪستان پِيس ڪوئليشن جي باني ميمبرن مان آهي. سندس ڇپيل ڪتاب هي آهن:
(1)’قومي غلامي: قومي سوال يا بيٺڪي سوال‘ (1984ع)، (2) ’آزادي ۽ امن‘ (1992ع)، (3) ’جي. ايم. سيد: فڪر، جدوجهد ۽ ڪردار‘ (2000ع)، (4) The State of Pakistan: In Search of Identity (2008)، (5) ’سـنڌ ڪـي قـومـي تـحـريـڪ اور پـاڪسـتان مـين قـومي ســوال‘ (اردو: 2007ع)، (6) ساڳئي ڪتاب جو سنڌي ترجمو ’سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ پاڪستان ۾ قومي سوال‘ (2008ع) ۾ ڇپيو.اڄڪلهه هو وڪالت جي پيشي سان وابسته آهي ۽ مستقل رهائش ڪراچي ۾ اٿس. کيس هڪ نياڻي منيره جوڻيجو ۽ ٽي فرزند فدا حسين، هوش محمد ۽ ڏاهر جوڻيجو جو اولاد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.11.09  عيسوي

عبدالخالق جـوڻيـجـو، 9 نومبر 1952ع تـي ڳـوٺ قـاضي دڙي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ اسحاق ملا اربعائي
حاجي خان خشڪ
ظهير ڪاشميري
نثار بزمي
ڀاڳو ڀانُ
الستي عبدالغفور
آخوند حافظ ولي محمد
جمن شاهه شهيد
دريا خان چانڊيو
شمشير خان اوزبڪ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون