حلوو

حلوو

حلوو

حلوو: مٺائيءَ جو هڪ قسم جنهن کي گيهه، نشاستي، ميدي ۽ کنڊ مان تيار ڪيو ويندو آهي. حلوو مختلف قسمن جو ٿيندو آهي. جھڙوڪ: بادامي حلوو، چاٻو حلوو، پستائي حلوو، سونهري حلوو، سوهن حلوو، کهنبو حلوو وغيره سنڌ ۾ خاص ڪري گهوٽڪي، ميهڙ، عمرڪوٽ، ٺارو شاهه ۽ ٻين شهرن جو حلوو انتهائي مشهور آهي، جيڪو ماڻهو تمام گهڻي شوق سان واپرائين ٿا. اڄڪلهه ملتان جي سوهن حلوي جو به سنڌ ۾ عام وڪرو آهي.


لفظ حلووھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو