دودو-II

دودو-II: عمر سومري جي وفات کانپوءِ 576هه/ 1180ع ۾ دودو سومرو حاڪم ٿيو. هي 576 هه/ 1180ع کان 590هه/ 1195ع تائين اقتدار ۾ رهيو، هو خفيف سومري جي دور ۾ وڳهه ڪوٽ جو قلعي دار هو، هن خفيف سان بغاوت ڪري اقتدار حاصل ڪيو ۽ ديبل کي پنهنجي گاديءَ جو شهر مقرر ڪيو. سلطان شهاب الدين غوريءَ، اچ کي فتح ڪرڻ کان پوءِ 577هه/ 1182ع ۾ اتر سنڌ ۽ ديبل تي حملو ڪيو. دودي ۽ شهاب الدين ۾ سخت لڙائي ٿي، جنهن ۾ سلطاني لشڪر جو تمام گهڻو نقصان ٿيو. شهاب الدين غوري ديبل فتح ڪرڻ کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ڦرلٽ ڪري وڏو مال گڏ ڪري غزنيءَ کڻائي ويو. دودي ڏهه سال حڪومت ڪئي ۽ 950هه/ 1194ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو