دوربين

دوربين

دوربين

دوربين (Telescope): هي ٻن آئينن تي مشتمل هڪ سائنسي اوزار آهي، جنهن ذريعي نظر کان گهڻو پري عنصرن/ شين کي آسانيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو. دوربين لاءِ انگريزيءَ ۾ Telescope جو لفظ استعمال ٿيندو آهي، جنهن جو اشتقاق ٿيندو Tele معنيٰ ’پري‘ ۽ scope معنيٰ ’ڏسڻ يا جاچڻ‘، يعني پري تائين ڏسڻ وارو اوزار.
پهريون دوربينون 16 کان 17 عيسوي صديءَ ڌاري هالينڊ ۾ ايجاد ٿيون، جن ۾ شيشي جا لينس استعمال ڪيا ويا. روايتي دوربين کي زميني ۽ فلڪي جسمن کي وڏو ڪري ڏيکارڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪجهه دوربينون برقي مقناطيسي ايڪسريز، ريڊيائي لهرن ۽ الٽراوايوليٽ شعائن کي گڏ ڪري انهن جي تجزيي لاءِ استعمال ڪيون وڃن ٿيون. سڀ کان پهرين 1608ع ۾ انعطافي دوربين (Refracting Telescope) جو استعمال شروع ٿيو. هن دوربين کي ٺاهڻ جو سهرو ٽن ماڻهن ڏي وڃي ٿو: هئسن لپرشئڊ، زئچرس ۽ جئنسن. ان کان پوءِ ان دوربينيءَ کي اصل شڪل مشهور سائنسدان گئليلو ڏني. 1668ع ڌاري اسلڪ نيوٽن به هڪ عملي قسم جي دوربين تيار ڪئي، جنهن کي Newtonian Reflector چيو وڃي ٿو. انعطافي دوربين اٽڪل هڪ ميٽر 40 انچ ڊگهي ٿيندي آهي. هن قسم جي دوربينن جو استعمال ويهين صديءَ ۾ ٿيو. ان دوران هيءَ دوربين جي ويو لينٿ (Wave Length) کان وٺي ريڊيو ذريعي گاما شعاعن (Gama Rays) جي مقصدن ۾ استعمال ٿيڻ لڳي. هن دوربين کي فلڪي جسمن جي تحقيق لاءِ پڻ ڪم آندو ويو.
دوربين جا ڪيترائي قسم آهن، جيڪي مختلف مقصدن لاءِ استعمال ٿين ٿا:
بصري دوربين (Optical Telescope): هن قسم جي دوربين علم فلڪيات ۾ تحقيق کانسواءِ غير فلڪياتي اوزارن جهڙوڪ: Thedolite، اسپاٽنگ اسڪوپس (Spotting Scopes)، مونوڪيولر (Monocular)، بائنوڪيولرس (Binoculars)، ڪئمرا لينس (Camera Lens) وغيره ۾ استعمال ٿئي ٿي.
ريڊيائي دوربين (Radio Telescope): هيءَ دوربين ريڊيائي فلڪيات (Radio, Astronomy) ۾ استعمال ٿئي ٿي. ان کانسواءِ هي دوربينون، مواصلات، مائڪرو ويو ارتعاشي لهرن (Microwave Radiations) جي کوجنا ۽ ڌرتيءَ کان پري زندگيءَ جي نشانن جي مشاهدي ڪرڻ لاءِ پڻ استعمال ڪيون وڃن ٿيون.
ايڪسري دوربين (X- Ray Telescopes): هي دوربينون ايڪسريز جي مختلف مرحلن ۾ ڪتب اينديون آهن.
گاما ريز دوربين (Gama Rays Telescope): هي دوربين شين جي دريافت ۽ انهن جي استعمال ۾ وڏيون معاون ثابت ٿيون آهن.
ان کان سـواءِ دوربيـن جـي ٻيـن قـسـمـن ۾ هـاءِ انـرجـي پـارٽيـڪـل دوربين (High Energy Particle Telescope)، گريوِيٽيشنل دوربين (Gravitational Telescope) وغيره شامل آهن، جيڪي پڻ گهڻ رخي سائنسي ۽ سماجي ڪارجن ۾ ڪتب آنديون وڃن ٿيون.




لفظ دوربينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو