ڏڱري

ڏڱري

ڏڱري

ڏڱري: ڪاٺ جي هڪ ٿلهي ويڪري ۽ بئٽ نما هٿئي سان پٽي، جنهن سان داٻلي يا داٻڙي تي ڪپڙا رکي ڌوئبا ۽ سٽبا آهن. هيءَ ڏيڍ فوٽ ڊگھي 4 انچ ويڪري ٿيندي آهي. اڳي سنڌ ۾ ڏڱري عام طور گهرن ۾ استعمال ٿيندي هئي. خاص ڪري کار ۾ ڪپڙا ٽهڪائي، انهن کي ڏڱريءَ سان سٽيو ويندو هو، پر هاڻي اهو رواج اڃا به ڪٿي ڪٿي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ قائم آهي، پر اڪثر ختم ٿي رهيو آهي. ٿر واري پاسي اڃا به ڏڱريءَ ذريعي ڪپڙا سٽيا ويندا آهن. ڏڱري لفظ جي معنيٰ سان ملندڙ جلندڙ هڪ لفظ، سنسڪرت ٻـــولــيءَ ۾ پڻ رائج آهي، جنهن جو اُچار آهي ’ڊئينگر‘ ۽ ان جي معنيٰ ڪـــاٺ جو هـڪ ٽڪرو آهي، جيڪو چوپائي مال کي ڳچيءَ ۾ ٻڌبو آهي ته جيئن اهو تڪڙو ڀڄي نه سگھي. سنڌيءَ ۾ ان کي ’ڏگرو‘ چئبو آهي


لفظ ڏڱريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو