دَمِڙي

دَمِڙي: دمڙي، قديم وقت جي هڪ سڪي جو نالو آهي، جيڪو پراڻي وقت جي پئسي جي اٺين حصي برابر هوندي هئي. دمڙيءَ جو مُلهه ڪوڏيءَ کان وڌيڪ هوندو هو ۽ دمڙيءَ جو وٽ تولي جي اٺين حصي جي برابر هوندو هو. هٽ واڻيا، حساب ۾ پائي به نه ڇڏيندا هئا، ان ڪري ڪيترين چوڻين جنم ورتو، جهڙوڪ: (1) واڻيي جي دمڙي، ڇني چمڙي، (2) چمڙي وڃي ته وڃي، پر دمڙي نه وڃي.
هنديءَ ۽ اردوءَ ۾ به ساڳيءَ معنيٰ سان اها چوڻي مستعمل آهي، ’چمڙي جا ئي، دمڙي نه جائي‘ جو ارين جي اصطلاح ۾ دمڙي، هڪ رُپئي کي چوندا آهن.
- دمڙي، ڀرت جو هڪ قسم به آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو