ڏن

ڏن: لفظ ڏن جون مختلف محققن مختلف معنائون لکيون آهن. خراج، ڍل، محصول، لاڳو، مريداڻو، ساليانو ۽ ٻنڌاڻ وغيره. ڏن لفظ جي معنيٰ خيرات ۽ دان پڻ آهي. جتي جتي قبيلائي ۽ سرداري نظام رائج آهي، اتي ڪمزور اعتقاد جي گھڻائي ۽ پيري مريديءَ جي ڪري هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن جو ڏاني/ ڏن ڀريندڙ/ ڏيندڙ آهي. يعني ڪو پير جو ته ڪو مير جو ڏاني آهي. هي ڏن حاڪم جو عام ماڻهوءَ تي ۽ مرشد جو مريد تي ساليانو ٻڌل هوندو آهي. شاهه سائين پڻ لفظ ’ڏاني‘ کي مختلف بيتن ۾ استعمال ڪيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ’جامع سنڌي لغات‘، جلد ٻئي (ص: 973) مطابق لفظ ڏن جي معنيٰ خراج، ڍل، محصول، فقير کي ڏنل خيرات، هر سال ڪنهن فقير يا مرشد کي ڏنل ڪجهه پئسن جو انداز، لاڳ وغيره ڄاڻايل آهي.


لفظ ڏنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو