دُلدل

دُلدل: حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي خچر جو نالو، جيڪو ميٽي رنگ جو هو ۽ اُهو مقوقس، پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم کي هڪ گڏهه سان گڏ تحفي ۾ ڏنو هو. گڏهن کي ’عفير‘ چيو ويندو هو. دلدل حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم کي جنگين ۾ سواريءَ جو ڪم ڏنو. پاڻ سڳورن جي وصال کانپوءِ به دلدل زنده رهيو ۽ جھونو ٿي ويو هو. ايتريقدر جو ان جا ڏند به ڪِري پيا هئا، ۽ ان کي جوَ به هٿن سان سندس وات ۾ وجھي کارائبا هئا. اهل تشيع جي روايت موجب جنگ جمل ۾ حضرت علي ڪرم الله وجھ انهيءَ دلدل تي سوار هئا ۽ صفين جي جنگ ۾ به ان تي ئي سواري فرمايائون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو